شڪارپور بچايو تحريڪ جو اسپتال تي قبضي خلاف احتجاج، ڪئمپ قائم

شڪارپور (رپورٽ: فريد فاروقي ) شڪارپور بچايو تحريڪ ۽ شڪارپور بچايو ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي لکيدر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪئي وئي جنهن جي اڳواڻي ممتاز منگي, عبدالستار ڪلادي, آغا منير خان پٺاڻ, مقصود ميراڻي,شاھد حسين سومرو, اسلام دين لھر, اقبال احمد بروھي, عبدالحق سھندڙو, جمال دين سومرو,۽ ٻياڪيرهيا آھن احتجاجي ڪيمپ تي يڪجهتي طور تي ايس ٽي پي اڳواڻ احسان احمد جيهو ابڙو۔ جي يو آئي اڳواڻ عبدالفتاح مهر عبدالزاق مهر۔ خدڏنو خان مهر۔ سياسي سماجي اڳواڻ ۔ عبدالوهاب ڪاغزي۔ زاهد حسين ڀنڀرو۔ ايووڪيٽ ظفر علي چنو۔ سعيد احمدسومرو۔ ڪامريڊجھاسد سومرو۔ غلام حسين جتوئي۔ اسپورٽس آفيسر اعجاز احمد کوکر۔ اين پي پي اڳواڻ ايڊوڪيٽ زاهد خان پهوڙ۔ عمران علي منگي۔ فضل الله قادري ۔ سميت معزز شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور جي پاڻي جو جر زهريلو بدبوء دار ۽ خراب ٿي ويو آهي جيڪو انسانن جي پيئڻ جي لائق نه آھي اسان ڪيترن ئي منهينن کان وٺي احتجاج ۔ ۽ رڙيون ڪري رهيا آھيون مگر اسان جون ڏنل درخواستون ڪچري ۾ اچلايون وڃن ٿيون ۽ هنن جي ڪنن تي جون به نٿي چري جڏينهن ته شڪارپور جي قديم اکين جي ٽرسٽ اسپتال تي به لينڊ مافيا جو قبضو آھي۔ مگر انتظاميه خاموش تماشو ٿي ڏسي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي   جر جي خراب ٿيڻ کي بچائڻ لاء   اپائو وٺي ۽ اکين جي اسپتال تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.