رتيديري ۾ آبادگار تنظيم پاران جاڳرتا سيمينار

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو زرعي آبادگار تنظيم طرفان زرعي فصلن جي پوکي لا۽ رتوديرو ريسٽ ھائوس تي زرعي سيمينار ڪرايو ويو . جنھن ۾ زرعي ماھرن , رائيس ملز مالڪن ۽ آبادگارن شرڪت ڪئي . ان موقعي تي زرعي ماھر سڪندر علي ٻگھيو ڊائريڪٽر ( ر) زرعي فارم ڏوڪري پنھنجي خطاب ۾ چيو ته ھائبرڊ ٻجن زمينن کي خراب ڪري ڇڏيو آھي زرعي زمينن ۾ ھاڻي اھا طاقت ناھي رھي . ھن چيو ته اسان جنھن علائقي ۾ رھون ٿا اتي ساريالو فصل تمام وڏي مقدار ۾ ٿيندو آھي. ايري 6 , ايري 9 چانور جو فصل ھتي تمام گھڻو پوکيو وڃي ٿو پر آبادگار صرف گھڻي پيداوار جي ڪري چائنا جا ھائبرڊ ٻج پوکيندا آھن . پر ھائبرڊ ٻج کي مدائتو پوکجي ۽ ان کي وقت تي بيمارين کان بچائجي يا وري موسم جي حساب سان پوکجي ته فصل سٺو ٿيندو پر بدقسمتي سان ھتي ائين نٿو ٿئي . جنھن سبب آبادگار نقصان ۾ ٿو وڃي ھن چيو ته ڏوڪري زرعي فارم ۾ اسان وٽ ھائبرڊ ٻج جي متبادل تمام سٺيون جنسون پيون آھن جيڪڏھن آبادگار اھي جنسون استعمال ڪن ته وڌيڪ پيداوار وٺي سگھن ٿا ۽ فصل به سٺو ٿيندو . عبداللطيف جويو چيو ته نوجوان آبادگارن تمام سٺو پروگرام ڪرايو آھي انھن کي جس ھجي , اصل ۾ زميندار سڀ ڪجه ھارين تي ڇڏي ڏئي ٿو پنھنجي زمينن تي وڃي ڪونه ٿو .ٻيجارو پوکڻ کان وٺي فصل تيار ٿيڻ تائين آبادگار کي ھر طرح جو خيال رکڻو آھي وقت تي فصل کي ڀاڻ ڏجي پاڻي ڏجي ۽ جيڪڏھن ڪا بيماري لڲي ٿي وڃي ته زرعي ماھرن سان مشورو ڪري وقت تي زھريلي دوائون جو استعمال ڪجي . صوبدارخان جلباڻي چيو ته اسان آبادگارن کي ڀلاوڻا ڏٽو ڏئي ھائبرڊ ٻج کڻائين ٿا ته اوھان جي پيداوار گھڻي ٿيندي ٻڌائين ٿا ته في جريب تي 80 مڻ ساريون ٿينديون پر حقيقت ۾ 45 -50 مڻ فصل ٿئي ٿو . پر زمينن جو وڏو نقصان ٿئي ٿو . ڊپٽي ڪمشنر انڪم ٽئڪس افسر علي جلباڻي چيو ته اسان جي زراعت کي جديد طريقي سان وٺڻو پوندو صرف سارين ۽ ڪڻڪ کان علاوه به ڪيترائي فصل آھن جن مان آبادگارن کي سارين کان وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي سگھن ٿا . شاھزيب خان جلباڻي , چيو ته آبادگار ويچارا سدائين ڀلاوڻن وٽ قرضي ھوندا آھن . ڊپٽي ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو اسد علي سولنگي چيو ته آبادگارن ھاڻي زرعي ماھرن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد ئي فصلن جي پوکائي ڪندا ته فائدي ۾ ويندا , رائيس ملز اونرس ايسوسيئشن جي صدر باغ علي کوکر چيو ته چانور تمام گھميل ۽ آلو ٿو مارڪٽ ۾ ملي ان ڪري بروڪر شڪايتون ڪن ٿا ته چانور جڏھن پاليش لا۽ وڃي ٿو ته چانور ڀري ٿو وڃي چانور ۾ اھا طاقت نٿي رھي . سيمينار ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڀلاوڻن ۽ سيلر مالڪن کي گھرجي ته آبادگارن کي آماده ڪن ته چائنا جي ھائبرڊ ٻجن بجائي ڏوڪري زرعي فارم جا متعارف ڪرايل ٻج استعمال ڪرائين جيئن اسان پنھنجي زراعت کي تباھ ٿيڻ کان بچائي سگھون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.