اڏيرولال اسٽيشن لڳ معزز جي لاڏاڻي تي پونيئرن سان تعزيت

اڏيرولال (ن ع آ) اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ قادربخش بالادي جي معزز شخصيت محمد عيسيٰ بالادي جي وفات تي پ پ سينيٽر سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ اوڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ قادربخش بالادي پهتو سندس پونئرن وڏيرو جيئند بالادي ۽ انور بالادي سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي سيد محمد علي شاهه جاموٽ بالادي برادري کي خطاب ڪندي چيو ته مرحوم عيسيٰ بالادي هڪ بهترين انسان اهو جيڪو هر ڏکي ۽ سکي وقت ۾ اسان سان گڏ اهو، بالادي برادري پاڻ کي اڪيلو نه سمجهي. اسان جا درواز سڌائين عوام لاءِ کليل آهن. ان موقعي تي ساڻس سيد نويد حيدر شاهه، قمر نويد ميمڻ، ارباب حاجاڻو، گل حسن بالادي ۽ اڪبر بالادي سميت علائقي جا معزز گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.