نئون ڪوٽ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو بحران، اگهه مهانگا، عوام پريشان

نئون ڪوٽ (رپورٽ:  زاھد مغل) نئون ڪوٽ ۾ ڪڻڪ جي اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، سادو اٽو 2250 روپيـا مڻ، جڏهن اسيشل فائن اٽو 65 روپيا ڪلو 2600 ٻـ ھزار ڇھ سئو روپيـ مڻ وڪرو، چڪي مالڪن موجب ڪڻڪ مھانگي ملي ٿي، صرف پسائي جي رقم اضافي وٺي رھيا آهن، ڪڻڪ جي کوٽ سبب اٽي جو بحران وڌنڌو پيو وڃي،   اڳئي ھنن ڏينھن تي چانورن جو اٽو عام جام اچي ويندو ھو پر ھن سال ساريون ليٽ ھجڻ سبب ڪڻڪ جي اٽي جي کپت وڌي وئي آهي،  بئراجي تعلقـ جو آخري شھر ھجڻ سبب ٿر ڏانھن ڪڻڪ جو اٽو بـ ھتان ئي سپلاءِ   ٿئي ٿو ھڪ طرف ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي ٻي مھان ٻوڏ ڪرونا لاڪ ڊائون  معيشت کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي، ڪڻڪ جو اٽو مهانگو ٿيڻ سبب مزدور طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، ان حوالي سان رهواسين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي   ڪڻڪ تي سسبڊي ڏئي غريبن کي اٽو سستو  فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.