لاڙڪاڻي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي يوسي 4 نظر پاڙي جي رهواسين ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي هنن ٺيڪيدار خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي علائقي واسين سرفراز تنيو، پيارل بوهڙ، عبدالنبي بوهڙ، آفتاب ڪناسرو، فدا حسين سمون، دين محمد دايو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته نظر محلي گورنمينٽ پرائمري اسڪول واري علائقي ۾ رستم هليو ۽ شمس الدين تنيو جي گهٽين ۾ ٺيڪيدار طرفان پيور جو ڪم شروع ڪرايو ويو آهي. هنن الزام لڳايو ته چانڊيو ذات سان واسطو رکندڙ ٺيڪيدار طرفان پيور جي ڪم ۾ ناقص مٽيريل جو استعمال ڪيو پيو وڃي، نالين جي ٻنهي پاسن گندگي ۽ گندي پاڻي جي مٿان سرون لڳايون پيون وڃن، جيڪي سرون ٻيهر گندي پاڻي ۾ ڪري پون ٿيون، جنهن ڪري نالين جو گندو پاڻي گهٽي ۾ بيهجي وڃي ٿو، جڏهن ته پراڻن ڪراسن کي ختم ڪري نوان ڪراس لڳرائڻ لاءِ ٺيڪيدارن طرفان 20 کان وڌيڪ رهواسين کان 500، 500 روپيه پائيپ خريد ڪرڻ جي لاءِ ورتا ويا آهن. هنن چيو ته ترقياتي ڪمن دوران ٺيڪيدار کي کاتي طرفان اضِافي رقم ڏني ويندي آهي پر بااثر ٺيڪيدار علائقي واسين سان زيادتيون ڪري رهيو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير، ڪمشنر ۽ ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ترقياتي ڪمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.