ڏهرڪي ۾ شهرين جو ٽرينن جي اسٽاپ جي بحالي لاءِ احتجاج، ڌرڻو

ڏهرڪي (رپورٽ:منصور پيرزادو) انجمن تاجران ڏهرڪي جي سڏ تي ڪرونا وائرس سبب ختم ڪيل ٽرينن جي اسٽاف جي بحالي سميت ريلوي اسٽيشن تي مسافرن کي سهوليتون ڏيڻ ۽ ڏهرڪي جي پنهنجي بڪنگ آفيس کولڻ لاءِ ريلوي اسٽيشن تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ شهرين صحافين تعليمي ماهرن سميت وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي  ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي انجمن تاجران جي صدر شنڪر لال رمضان پيرزادو غريب نواز علي پروفيسر محمد دين راڄڙي ميان خالد اورنگزيب ساگرشير محمد ۽ ٻين چيو ته ڪرونا وائرس سبب مارچ مهيني کان ڏهرڪي جي ٽرين جا اسٽاپ ختم ڪيا ويا آهن جيڪي اڃان تائين بحال نه ٿي سگهيا آهن جنهنڪري يونيورسٽين ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهندڙ شاگرن توڙي شاگردياڻين ڪاروباري حضرات سميت علائقي جي غريب عوام کي مشڪلاتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو هنن چيو ته ڏهرڪي اٻاوڙو جي پنج لک کان مٿي آبادي آهي ۽ سنڌ پنجاب بارڊر سميت هي شهر صنعتي زون به آهي اسان واپارين توڙي شهرين کي ٽرينن جا اسٽاپ نه هجڻ ڪري اسان کي صادق آباد سکر گهوٽڪي وڃڻو پوي ٿو اسٽيشن ماسٽر جي عدم دلچسپي سبب صفائي سٿرائي ڪونهي پيئڻ جو ٿڌو پاڻي ڪونهي، هنن   ريلوي جي وفاقي وزير کان مطالبو ڪيو ته  ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪيا وڃن ۽ سکر کان خانپور واري  لوڪل ٽرين روهي ايڪسپريس شروع ڪئي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.