نصيرآباد ۾ گندگي، ڪنو پاڻي روڊن تي بيٺل، انتظاميا ننڊ ۾

نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد شھر جي مک ڪاروباري مرڪز شاھي بازار ۾ گندي پاڻيءَ جون ناليون اٿلڻ ڪري پوري شاھي بازار ۾ گندو پاڻي بيھجي ويو آهي، گندو پاڻي دڪانن ۾ پڻ داخل ٿي رھيو آھي، جنھن ڪارڻ دڪاندارن وٽ نه رڳو خريدار جو اچڻ مسئلو بڻيل آهي پر دڪاندار گندگي ھجڻ ڪري دڪان بند ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن، ان حوالي سان شاھي بازار يونين جي اڳواڻن وزير ڪانڌڙو، حاجي ممتاز علي شيخ، محمد ٽڳڙ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو   ٽائون انتظاميا صفائي ڪندڙ ملازمن کي پگهارون نه ڏئي شھر سان ظلم ڪيو آهي، ملازمن پاران مسلسل صفائي نه ڪرڻ سبب پورو شھر ۽ مک ڪاروباري مرڪز شاھي بازار گندي پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ آھن،  اسان دڪان بند ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون، ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو  ته شھر ۾ صفائي ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.