پيارو لنڊ ۾ شهري ايس ايڇ او جي بدلي خلاف روڊن تي نڪري آيا، شٽربند هڙتال

عثمان شاهه هڙي (ن ع آ)پيارولنڊ ٿاڻي جي عوام دوست ايس ايڇ او آفضل منگسي کي زبردستي بدلي ڪرائڻ عمل خلاف پيارولنڊ جي شهرين سياسي و سماجي ماڻهن,مزدورن ۽ علائقي جي ماڻهن شهر پيارولنڊ ۾ پرامن احتجاجي مظاهرو ڪري مڪمل شهر بند ڪري ڇڏيو. شهرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته زبردستي بدلي ٿيل انسپيڪٽر افضل مگسي کي واپس ڪيو وڃي جو مطالبو ڪندي چيو ته افضل مگسي جانباز بهادر ۽ دلير آفيسرن ۾ شمار ٿئي ٿو،  افضل مگسي جي هئڻ سان علائقي جي ڏوهن ۾ ٺاپر اچي وڃي ٿي ۽ ڏوهاري علائقو ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا. هنن چيو ته افضل مگسي ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ واحد آفيسر آهي جيڪو ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري ٻين صوبن ۾ ڀڄي ويل ڏوهارين کي سوگهو ڪري وٺندو آهي جنهن جا مثال ضلعي پوليس هيڊ ڪوارٽر تي موجود آهن، هنن وڌيڪ چيو ته انسپيڪٽر افضل مگسي کي سياسي ٽارگيٽ تحت بدلي ڪيو ويو آهي، هتان جي شهرين آءِ جي سنڌ، آر پي او حيدرآباد، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊي الهيار کي اپيل ڪئي آهي ته انسپيڪٽر افضل مگسي کي ٻيهر بحال ڪري واپس پيارولنڊ ٿاڻي تي مقرر ڪيو وڃي. هنن چيو ته انسپيڪٽر افضل منگسي کي واپس پيارولنڊ ٿاڻي تي مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.