سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي وفاق جو اختيار، عوام جي بيچيني ۽ احتجاج

ايڊيٽوريل

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ هجڻ جي حيثيت ۾  پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين پنهنجي ” وفاق“ هجڻ واري حيثيت کي مقدم بڻائي نه سگهيو آهي، اها هن ملڪ جي انتهائي بدقسمتي چئبي، شروع وارن ڏينهن کان وٺي اڪثر وفاقي اختيارين ۽ سگهارن ادارن جو اهو خيال به رهيو آهي ۽ عمل به رهيو آهي ته ”وفاق“ مضبوط رهيو ته ” ملڪ“ مضبوط رهندو، سندن وٽ جهڙوڪر وفاق ۽ ملڪ ٻه الڳ الڳ حقيقتون آهن، ۽ حقيقت اها آهي ته ” وفاق“ وري هڪ اهڙي طوطي وانگر آهي جنهن جو ساهه وري صوبن جي وسيلن ۾ اٽڪيل آهي، خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ ۽ هاڻي بلوچستان پڻ ان لسٽ ۾ اچي ويو آهي. ملڪ جي چئني صوبن جي اڪثر ساڃاهه وندن ۽ شعور وند سياسي توڙي سماجي حلقن جو اهو خيال رهيو آهي ته جيستائين صوبا خوشحال ۽ سگهارا نه ٿيندا تيستائين وفاق خوشحال ۽ سگهارو ٿي نه سگهندو، اهي ٻئي پهلو آهن جيڪي شروع وارن ڏينهن کان وٺي ڪشمش ۾ آهن ۽ اڄ ڏينهن تائين آهن.

پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، پر پاڪستان جي هڪ وفاقي ملڪ هجڻ واري حيثيت ۾ ان جي سياسي بحرانن جي مد نظر هاڻي اهو سوال ڪر کڻي اڀري رهيو آهي ته ”وفاقي سياسي نظام“ وفاقي ايڪن وچ ۾ انصاف ڀريو وهنوار قائم رکڻ ۾ ڪامياب ڇو نه ٿو ٿئي ۽ جي ڪامياب ٿئي ٿو ته ان جا ماپا ۽ مياڻ ڪهڙا آهن، ” وفاقي سياسي نظام“ جي حوالي سان اهي سوال انتهائي اهم آهن، پر هتي انهن سوالن تي بحث مقصود نه آهي.

اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ جي حيثيت ۾ ڪاميابيون انتهائي گهٽ ۽ ناڪاميون انتهائي گهڻيون حاصل ڪيون آهن، انهن مان هڪ ناڪامي، 1971ع ۾ ملڪ جو ٻه ٽڪر ٿيڻ آهي، افسوس ته ان ڳالهه جو آهي جو جن حالتن ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿيو هو، انهن حالتن جو تسلسل اڄ تائين جاري آهي.

پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ کان اڳ ۽ پوءِ بلوچستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي وسيلن تي هڪ هٽي قائم واري روش انتهائي موثر نموني اختيار ڪئي وئي آهي ۽ ان تي عمل به سختيءَ سان ڪيو پيو وڃي، سنڌ جي حوالي سان ڳالهه ڪبي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ايندڙ سياري جي مند ۾ سڄا سارا چار مهينا سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ان کان اڳتي وڌي وفاقي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي علائقن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي انهن تان صوبن جي مالڪيءَ جي حق کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي عمل کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ وري صدر ” پاڪستان آئلينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي“ جي نالي سان اداري جوڙڻ جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي چيئرمين شپ لاءِ باقاعده طور تي اخبارن ۾ اشتهار پڻ جاري ڪيا ويا آهن.

وفاق جي اهڙي عمل ۽ صدر پاران آرڊيننس جاري ڪرڻ کي به هڪ مهينو ميڊيا ۽ عوام کان ڳجهو رکيو ويو، جنهن جو راز تڏهن ڦاٽو جڏهن اٿارٽيءَ جي چيئرمين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار جاري ٿيا. سوال هي آهي ته ايوان صدر پاران جيڪي به اپاءَ کنيا وڃن ٿا يا آرڊيننس جاري ڪيا وڃن ٿا، ڇا انهن کي ڳجهه ڳوهه ۾ جاري ڪرڻ ايوان صدر کي زيب ڏئي ٿو، هتي اهو به سوال اهم آهي ته ڇا، ايوان صدر کي آئين جي ٽڪراءَ ۽ تضاد ۾ ايندي آئين جي خلاف ورزي ڪندي اهڙا ڪي به آرڊيننس جاري ڪرڻ جڳائين ٿا جهڙو آرڊيننس ايوان صدر بلوچستان ۽ سنڌ جي سامونڊي علائقن کي وفاق جي ” علائقي“ طور صوبن کان ڌار ڪري وفاق حوالي ڪرڻ جو جاري ڪيو آهي…،

”آئين جي آرٽيڪل 172 موجب جنهن به صوبي سان سمنڊ لڳي ٿو، ان صوبي جي ڪناري کان وٺي 60- ميلن تائين سامونڊي علائقو ۽ ان ۾ موجود سمورا وسيلا صوبن جي ملڪيت آهن“، جڏهن آئين ۾ هڪڙي ڳالهه چٽي ۽ واضع لکيل آهي ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ سامونڊي وسيلن ۽ حدن جو تعين ٿيل آهي ته پوءِ ملڪ جي صدر کي اهڙي غير آئيني قدم کڻڻ جي آخر ضرورت ڇو پيش آئي آهي، جڏهن کيس اهو به معلوم آهي ته وفاقي حڪومت پاران اڳ به سنڌ جي سامونڊي علائقن ۽ ٻيٽن تي وفاق جي اختيار حاصل ڪرڻ خلاف سنڌ جو عوام روڊن ۽ رستن تي اچي چڪو آهي ۽ هي معاملو ايترو ته حساس آهي جو ان سان ملڪ جي بقا ۽ سالميت پڻ واڳيل آهي ته پوءِ اهڙي حساس معاملي سان وري هٿ چراند ڇو ڪئي وئي آهي.

وفاقي اختيارين ۽ ايوان صدر پاران ڪيل اهڙي فيصلي خلاف بلوچستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي عوام ۾ سخت غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي ۽ سنڌ جون سموريون سنڌ دوست پارٽيون، ڌريون ۽ شخصيتون سخت احتجاج جي دور مان گذري رهيون آهن ۽ انهن طرفان سموري سنڌ، ملڪ ۽ بين الاقوامي طور تي پنهنجي وطن جي ۽ ان جي وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان رڳو ايترو ئي چونداسين ته ملڪ جي بدترين معاشي صورتحال ۽ غير يقينيءَ واري سياسي صورتحال ۾ اهڙي ڪنهن به قدم کڻڻ کان پاسو ڪيو وڃي جيڪي سنڌ توڙي ملڪ ۾ انتشار ۽ سياسي تحريڪ جو سبب بڻجن ۽ اهڙي تحريڪ وري ڪنهن سول نافرمانيءَ جي تحريڪ کي جنم ڏئي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.