آئيلينڊ اٿارٽي يا سنڌ تي ون يونٽ جو ورجاءُ

ممتاز راهمون

سنڌ جيڪا اڳ ئي وفاق جي ناجائزين تي ڪيترائي سوال اٿاري رهي آهي، وفاق جا سنڌ سان ڪلورن جا داستان به  اڻکٽ ٿيندا پيا وڃن، وفاقي ارهه زورائين جي  لسٽ ڊگهي ٿيندي پئي وڃي سنڌ جي ماڻهن کي جيڪو عدم اعتماد رهيو آهي يا جيڪي خدشا ۽ شڪايتون رهيون آهن سي سڀ حقيقت ۾ تبديل ٿيندي نظر اچي رهيون آهن، سنڌ جي ماڻهن کي جيڪو هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ هڪ قسم  جو خوف رهيو  آهي ته سندن وجود خطرو ۾ آهي سنڌي قوم جو تاريخي تشخص، زبان، جاگرافي حدون وسيلا، سڀ جا سڀ ڀيليا ويندا، اهو خدشو ۽ خوف سنڌ مٿان تلوار جيان لٽڪيل رهيو آهي ان لاءِ سنڌ جي ماڻهن جي رڙ، دانهن ۽ ڪوڪ کي الاهي ڇا جي ڪري سمجهڻ جي زحمت نٿي ڪئي وڃي سنڌ جي حساس معاملن تي اتان جي ڇھه ڪروڙ ماڻهن کي اهو هر دور ۾ الاهي ڇا جي لاءِ محسوس ٿو ڪرايو وڃي ته اوهان جي تاريخي وطن کي تين وال ڪرڻ ۾ اسان رڌل آهيون، هن وقت سنڌ جي ماڻهن ۽ سياسي قيادتن کي گهڻ رخي افراتفري ۾ گهليو پيو وڃي، جنهن جو ذڪر ڪرڻ پڻ ضروري آهي ڇو جو غير فطري اٿاريل اشوز  پويان به ڪي نيڪ مقصد نظر نه پيا اچن هڪ پاسي نام نهاد متحده قومي موومينٽ کي فلٽر ڪري وري نئي سر پنهنجي بنيادي اسائيمنٽ تي ڪم تيز ڪرايو ويو آهي.

وفاقي حڪومت جي نور نظر ۽ نفيس انسانن پاران سنڌ جي ورهاڱي جو رينگٽ شروع ڪيو ويو آهي اڳي ته صرف پريس  بيانن تائين معاملو هو هاڻي سرڪاري اجازت ۽ رضامندي  سان روڊن تي ريليون ڪڍي ناجائز مطالبا ڪيا پيا وڃن، وڏي منصوبابندي سان احساس محرومي جو غير ضروري ۽ غير فطري  راڳ واتو وات آهي، اردو ميڊيا کي سالن کان "ڪراچي اور سنڌ، اندروني اور بيروني سنڌ” جو گرهه وات ۾ وجهرايو ويو آهي جيڪو بار بار چٻاڙيو پيو وڃي، هڪ پاسي سنڌ کي ٽوڙڻ جو رينگٽ شروع ڪيو ويو آهي ته ساڳئي وقت ملڪ جو وزيراعظم به سنڌ جي گادي واري شهر ۾ ويهي غير فطري ۽ مڪمل طور تي  بدنيتي جي بنياد تي  بيان ٿو ڏئي ته ڪراچي تي حڪمراني اندروني سنڌ جا ماڻهون ٿا ڪن ڇا ڪراچي ڪنهن جو فتح ڪيل علائقو آهي  يا  سنڌ کان الڳ ٿا سمجهو اندروني سنڌ ڪنهن ايجاد ڪئي آهي  الڳ الڳ اصطلاح جي استعمال خلاف   سنڌي ماڻهون جيڪي رڙيون پيا ڪن ته سنڌ سنڌي قوم جو تاريخي وطن آهي جيڪي  سنڌ کي ماءُ ٿا سمجهن  انهن  مان جيڪڏهن ڪو پنهنجن جذبن جي اظهار کي روڪي نٿو سگهي ته ان کي ابن غدار سڏي لاقانونيت جا سمورا ليڪا لتاڙيا وڃن ٿا، هن ملڪ جي وجود جو بنياد رکندڙ قوم سان اهو سلوڪ سنڌ ۾ مايوسي جي لهر پيدا ڪري سگهي ٿو احساس محرومي جو شڪار ماڻهون آخرڪار ڪيڏانهن ويندا جيڪڏهن اهڙي ريت  ملڪ کي پائدار ترقي طرف وٺي وڃڻ ٿا چاهيو ته پهرين انهي قوم کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ ڪو شاهي فارمولو ايجاد ڪري  ان جو ڪو آرڊيننس جاري ڪيو وڃي ، يا ڪو مھذب طريقو اختيار ڪيو وڃي.

سنڌ جي قومي سوال کي سمجهڻ ۽ ان جو خيال رکڻ بنا ملڪي ترقي مشڪل نه پر بلڪل ناممڪن آهي سنڌ جيڪا اڳ ئي احتجاجي مورچي تي بيٺل آهي ان کي وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ بحريا ٽائون منصوبو ڇا ڪافي ناهي جو هاڻي سنڌ جي سموري ساحلي پٽي تي دائمي قبضي جي رٿا رٿي وئي آهي آئيلينڊ اٿارٽي جي نالي ۾ جهڙي ريت ڳجهي نموني سان آئيني گهرجن کي لتاڙي هڪ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ واضح طور بدنيتي ظاهر ڪئي وئي آهي هڪ پاسي سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، ڪرپشن عروج تي آهي، شهر تباھ پيا ٿين ٻهراڙين ۾ بنيادي سهولت نالي ڪا شئي ناهي، خراب حڪمراني جي ڪري ماڻهن جا اهنج ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ته ٻي پاسي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪري، شهر اڏي ترقي جي دعوا ڪئي پئي وڃي عام خلق ته رڙيون پئي ڪري جيڪي شهر مسڪين ماڻهن پاڻ  اڏيا آهن انهن کي ته بچايو يا  ترقي جو  اهو منطق ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ماڻهن کي سمجهايو، سنڌ جا ماڻهو جيڪي  قومي معاملن ۾ انتهائي حساس آهن انهن کي احساس محرومي طرف ڌڪڻ لاءِ ون يونٽ طرز جي اٿارٽي جوڙي ڇا پيو ثابت ڪيو وڃي، آئيني طور ٻيٽ صوبن جي ملڪيت هوندي به سڌي ريت والار ڪئي پئي وڃي اٿارٽي ايتري ته بااختيار بڻائي وئي آهي جو ملڪيتون خريد ڪرڻ، مسواڙ تي ڏيڻ، وڪڻڻ، منصوبن جي منظوري ڏيڻ، ملازم رکڻ، ملازم گهٽائڻ يا وڌائڻ، ايتري قدر جو صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي پڻ اٿارٽي جي خدمت لاءِ پيراندي وهاريون ويون آهن ، اٿارٽي جو چيئرمين وزيراعظم جو ڪو خاص ماڻهو يا اڃان وڌيڪ طاقتور قوتن جو ڪو حاضر سروس يا رٽائرڊ ملازم هوندو، سمورا ملازم به سرڪاري تصور ڪيا ويندا، اٿارٽي جا فيصلا عدالتن ۾ چيلينج به نه ٿي سگهندا، عدالتن کان مٿانهين اٿارٽي کي في الحال ٻن ٻيٽن  ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي تي قبضي جا غير معمولي اختيار ڏنا ويا آهن پر گنجائش ايتري رکي وئي آهي جو سموري ساحلي پٽي تي قبضو ڪري سگجهي ٿو ڇا هڪ ٻئي ڪنهن اٿارٽي جي نالي ۾ يا ساڳئي اٿارٽي جي آرڊيننس ۾ ترميم ڪري  اهو به شامل ڪيو ويندو ته سنڌ جا سمورا قدرتي وسيلا  تيل، گئس، ڪوئلو، پاڻي سميت سمورن وسيلن تي قبضو ڪري سگجهي ٿو

هن سموري معاملي ۾ سنڌ جو هر  ماڻهون وفاقي سرڪار آڏو ته سخت احتجاج ڪري رهيو آهي پر سنڌ حڪومت تي پڻ آڱريون کڻي رهيو آهي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اهو آواز اچي رهيو آهي ته  ڇا ڳجهي نموني مهينو اڳ جاري ڪيل آرڊيننس جي باري ۾ ڇا سنڌ سرڪار کي خبر نه پئجي سگهي هئي  يا نام نهاد مفاهمت جي نالي ۾ هن سموري واردات ۾ سندن رضامندي شامل آهي؟

جي خبر نه هئي ته ڇا هاڻي سنڌ سرڪار سنڌ اسيمبلي جي فلور تان مزاحمت جي شروعات ڪندي، يا ڳجهي  نموني سنڌ جي حقن تي سوديبازي ڪئي وئي آهي؟

هڪ وڏو حلقو اهو سمجهي ٿو ته هن سموري معاملي ۾ سنڌ سرڪاري جي مڪمل طور نه صرف رضامندي شامل آهي پر سموري ساحلي پٽي جو سودو ڪيو ويو آهي، بهرحال وقت تي سڀ شيون واضح ٿي سامهون اچي وينديون، ٻي پاسي سنڌ جي ٻين سياسي سماجي ڌرين کان پڻ عوام اهڙي توقع رکي ٿو گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جيڪو سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي خراب حڪمراني تي رڙيون ڪندي نظر اچي ٿو ته ٻي پاسي وفاقي حڪومت کي پڻ ميارون ڏيندي نظر پيو اچي ته سندس اميدن تي وفاقي حڪومت پورو نه لٿي آهي تازو جي ڊي اي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم پاران وزيراعظم جي تڪراري بيان کي رد ڪندي سخت احتجاج ڪيو هو، وزيراعظم جي بيان کي غيرسياسي قرار ڏنو هو جنهن کانپوءِ گورنر سنڌ ۽  وفاقي وزيرن جي وفد پاران ملاقات ڪري خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري به ڪرائي وئي آهي پر هاڻي آئيلينڊ اٿارٽي کي سنڌ جا ماڻهو ون يونٽ جو ورجاءُ يا ايسٽ انڊيا ڪمپني چئي رهيا آهن انهي معاملي تي پڻ جي ڊي اي کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پوندي، اياز لطيف پليجو ته پنهنجي بيان ۾  جي ڊي اي کي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي سنڌ جي قومپرستن، ساڃاهه وندن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاج جو به سڏ ڏنو ويو آهي، هاڻي اختيار ڌڻي  سنڌ جي عوامي مطالبي کي مان ڏيندي غير آئيني طريقي سان جاري ڪيل آرڊيننس کي ختم ڪري ڦهليل بيچيني ختم ڪن ٿا يا اهو ثابت ڪندا ته آئيلينڊ اٿارٽي ون يونٽ جو ورجاءُ ئي آهي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.