وفاق جي سنڌ دشمني ۽ سياسي پارٽين جي خاموشي؟

مير ذوالفقار چانڊيو

ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته گذريل 73 سالن کان پاڪستان جي آزادي کان وٺي وفاق جي پاليسي سنڌ دشمن رهي آھي اچڻ واري ھر وفاقي حڪومت سنڌ جي معدني وسيلن کي وفاق جي قبضي ۽ پنجاب منتقل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آهن، ڪڏهن سنڌ جي گيس بجلي تي وفاق جو قبضو ڪڏهن ٿرڪول رٿا کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ته ڪڏهن وري سنڌ جي ادارن تي وفاق جو قبضو ڄڻ ته اھي معمول بڻيل آهن. ھلندڙ ھفتي وفاق طرفان سنڌ دشمني جي آڙ ۾ ھڪ اھم غير قانوني اعلان ڪيو آهي ته صرف سنڌ صوبي ۾ لڳاتار چار مھينا سي اين جي گيس بند رھندي وفاق جو اهڙو عمل سنڌ خلاف کليل نموني غنڊه گردي آهي جنهن سان وفاقي اختيارين هر قانون جي لتاڙ ڪرڻ جو اعلان ٿيو آهي وڏي ڳالهه ته جنهن صوبي ۾ گيس جي پيداوار ھجي ان صوبي جي عوام کي گيس جي سھولت کان محروم ڪيو وڃي ڇا ان صوبي جو عوام پاڪستان جو رھائشي نه آهي ؟ ڇا اهو صوبو وفاق جو حصو نه آهي جو غير قانوني زبردستي طريقي سان انهن کي گيس جي سھولت کان محروم ڪيو ٿو وڃي.

وفاق طرفان سنڌ جي لاءِ ڪجهه نوان پراجيڪٽ قسمين قسمين جا نوان منصوبا ٺاهڻ ته گهڻو پري جي ڳالهه آهي پر سنڌ جي ٺاھيل منصوبن تي قبضو ڪرڻ يا غير قانوني طرح سان پنهنجي تحويل ۾ ڪرڻ ته وفاق جو معمول بڻجندو پيو وڃي جيڪڏهن نوڪرين جي ڪوٽا تي نظر ڪجي ته وفاقي اختياريون ڄاڻي واڻي سنڌي ماڻهن کي پوئتي ڌڪي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهن جنهن جو واضع مثال ته وفاقي ادارن ۾ يا وفاقي ڪابينا ۾ سنڌي ماڻھو اٽي ۾ لوڻ برابر آهن صرف ايترو نه پر ھاڻي وفاق سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪري وفاق جي ماتحت شھر اڏڻ جي سازش ڪري رھيو آهي جنهن جي ڳجهھ ڳوھ ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي اجازت ملي چڪي آهي بس ھاڻي ان منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ جي دير آهي.

وفاق جي سنڌ دشمني جا واقعا ۽ مثال اڻ کٽ آهن جيڪي ڳڻپ کان مٿي ۽ لکڻ سان اخبارن جا پيج پورا ٿي وڃن بس ايترو ئي لکڻ ڪافي آهي ته اچڻ واري ھر وفاقي حڪومت ڀلي جمھوري ھجي يا آمر ھجي انهن سڀني حڪمرانن ٿورو يان گهڻو سنڌ کي نقصان ڏنو آهي وفاق جي ھميشه اھا سازش رهي آهي ته سنڌ صوبو خوشحال مان بدحال ٿي وڃي سنڌي ماڻهو پنهنجي صوبي اندر اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن جيئن مستقبل ۾ وفاق جي سنڌ دشمني ۾ ڪا رڪاوٽ نه بڻجي سگهن.گذريل ٻن سالن کان وفاق جون سنڌ سان زيادتيون جاري آهن جيڪي بند ٿيڻ جو نالو نه پيون وٺن نه وري سنڌي ماڻهن وٽ ڪا اھڙي مضبوط طاقت آهي جيڪا وفاق کي منهن ٽوڙ جواب ڏي يا وري وفاق کي للڪاري ته سنڌ سنڌي عوام جو آزاد وطن آهي جيڪو ھزارين سالن کان ھن ڌرتي تي قائم دائم آهي پر افسوس ته گذريل ٻن سالن کان وفاق جي سنڌ دشمني تي سنڌ جون سياسي پارٽيون صرف مذمت ۽ بيان بازي تائين محدود آهن وفاق جي سنڌ سان زيادتين تي صرف پاڪستان تحريڪ انصاف اڪيلي طرح ملوث يان ذميدار نه آهي پر ھن سان گڏ ان غيرقانوني ڪم ۾ سنڌ جا سچا سپاھي سنڌ تي سر گھوري ڇڏڻ وارا بيان ڏيندڙ پ پ پ ۽ جي ڊي اي وارا به ھڪ جيترا ذميدار آهن جو اھڙن زيادتين تي خاموشي جو روزو رکيو ويٺا آهن.

سنڌ جو عوام ته ھميشه پ پ پ ۽ جي ڊي اي کي سنڌ دوست سمجهي ڪري ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندا آهن ته اھي پارٽيون سنڌ جي دنگن جون محافظ ٿينديون ۽ ايوانن ۾ ويھي سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڪجهه ڪندا پر گذريل ٻن سالن کان ايئن ڪجهه به نه ٿي سگهيو آهي پر سنڌ جي سنڌي چونڊيل نمائندن سنڌي ماڻهن جي اميدن تي پاڻي ڦيري اھو واضع  ڪري ڇڏيو آھي ته سنڌ دوست گھٽ پر اقتدار پرست وڌيڪ آهن. پ پ پ پنهنجي سنڌ حڪومت ۽ ليڊر شپ جي ڪيسن تي پردو رکڻ لاءِ وفاق جي زيادتين تي خاموش بڻيل آهي. پ پ پ جي اھا پاليسي سمجهه ۾ اچي ٿي ته سڄي سنڌ حڪومت خاطر اھڙن زيادتين تي خاموش بڻيل آهي پر جي ڊي اي وارن جي پاليسي سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪي ٽي چار وزارتن جي ڪري سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن تي خاموش بڻيل آهن ھجڻ ته ايئن  گھرجي ته پ پ پ جي ڊي اي گڏجي اقتدار جي هوس کي لت ھڻي وفاق خلاف مزاحمتي تحريڪ ھلائين ته سنڌ جي غيرتمند عوام انهن جي ٻانهن ٻيلي ٿي صرف ساٿ ئي نه پر انهن کي جيئه ۾ جايون ڏيندا ٻي صورت ۾ انهن پارٽين جي اڳواڻن جو استقبال ڪنن بيضن يا ٽماٽرن سان ٿيندو.

پ پ پ ۽ جي ڊي اي وارن کي ياد رکڻ گھرجي ته جنهن به سنڌ سان ھٿ چراند ڪئي آهي يا ان هٿ چراند تي خاموشي اختيار ڪئي آهي ته تاريخ  انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو آهي ۽ نه وري تاريخ اھڙن ڪردارن کي وساري سگهي آهي جيڪڏهن ھاڻي به سنڌي پارٽيون ۽ غيرتمند سنڌي اگھور ننڍ مان نه اٿيا ته سڀاڻي ڪراچي الڳ صوبو ٺهي ويندو سنڌي پنهنجي صوبي ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا پوءِ افسوس ڪرڻ فضول ڪرڻ اجايو ھوندو، اڃا به سنڌي پارٽين وٽ وقت آهي جيڪي وفاق سان مزاحمت ڪري تاريخ ۾ ھيرو بڻجي سگهن ٿا نه ته ٻئي پاسي تاريخ ۾ انهن سنڌي پارٽين جي ليڊرن کي غدار لکيو پڙھيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.