تنگواڻي شھر جي ٽيليفون ايڪسچينج آفيس بحال ڪئي وڃي؟

نورخان بکراڻي/ تنگواڻي

2008ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي شھادت واري واقعي کانپوءِ ردعمل طورڪجھه شرپسند ماڻھن ۽ اشتعال انگيز عنصرن تنگواڻي شھر جي ٽيليفون ايڪسچينج جي آفيس کي باھ ڏيئي مشينري، فرنيچر ۽ سموري سسٽم کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. اھڙيءَ طرح ھتان جي عوام ۽ شعور کي جديد سائنسي سھولت کان ھميشه جي لاءِ محروم ڪيو ويو. مختلف وقتن تي ڪافي ڪوششن جي باوجود ھي پي ٽي سي ايل آفيس اڄ ڏينھن تائين ٻيھر بحال نه ٿي سگھي.  اڳتي هلي ڪري ٽيليفون ايڪسچينج جي عمارت ۾ نادرا جي عارضي برانچ آفيس قائم ڪئي وئي مگر اھا سھولت به تنگواڻي شھر جي ترقيءَ جي مخالفت ڪندڙن کي راس نه آئي ۽ نادرا سينٽر کي ٻئي ھنڌ شفٽ ڪري ھتان جي عوام کي ھڪ ٻي سھولت کان به محروم بڻايو ويو.

14 سال گذرڻ باوجود تنگواڻي شھر جي ٽيليفون ايڪسچينج جي آفيس ۽ سسٽم بحال نه ٿي سگھيو ۽ مختلف وقتن تي مافيائون ۽ قبضا خور گروپس ٽيليفون ايڪسچينج جي عمارت تي قبضو ڪندا رھيا مگر شھرين جي آواز اٿارڻ تي اھا عمارت خالي ڪئي وئي. ھن وقت ھي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار ٿي وئي ۽ ھينئر ھي عمارت آثار قديمه جي ھڪ نشاني بڻيل آهي. ھي تباه حال عمارت ھاڻي ھتان جي عوام لاءِ بلڪل اڻ لاڀائتي ثابت ٿيون آهي. واسطيدار بالا آفيسرن کي وقتن بوقتن اپيلون ڪيون ويون مگر اڄ ڏينھن تائين ھتان جي عوام جي سھولت لاءِ شڪايتن جو نه ته ڪنھن چونڊيل نمائندي نوٽيس ورتو ۽ نه ئي وري ڪنھن واسطيدار کاتي جي ڪنھن عملدار تدارڪ ڪيو.

ھن وقت تنگواڻي شھر جي آبادي ھڪ لک کان مٿي آهي. ھتي ٽيليفون ايڪسچينج جي سھولت نه ھجڻ جي ڪري ڪاروباري صارفين ۽ نوجوان نسل بيحد مايوسي جو شڪار آهي. ڪورونا وبا جي ڏينھن ۾ گھرن جي اندر مقيم ھتان جي شاگردن کي آن لائين ڪلاسون وٺڻ لاءِ انٽرنيٽ جي سھولت نه ھجڻ جي ڪري ڪافي مسئلا ۽ مشڪلاتون درپيش آيون. ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ جيڪا اڄڪلھه ھر شاگرد، ڪلارڪ، آفيس ڪار وهنوار هلائڻ ۽ ڪاروباري مرڪزن تي بل ٺاھڻ لاءِ انتھائي ضروري ٿي پيو آهي. آن لائين فارمز ڀرڻ کان وٺي، مختلف امتحانن لاءِ شاگردن جون سلپون ڪڍڻ، يوٽيوب تي ھر مضمون جا وڊيو ليڪچرز ٻڌڻ لاءِ انٽرنيٽ جي سھولت درڪار ھوندي آھي مگر بدقسمتيءَ سان ھتان جي شاگردن ۽ عام شھرين کي ٽيليفون ايڪسچينج جي سھولت نه ھجڻ جي ڪري وڏيون دشواريون پيش اچن ٿيون.اسان جو شھر تنگواڻي جيڪو تعلقي ھيڊ ڪوارٽر پڻ آهي ھن  وقت ھتي ٽيليفون ايڪسچينج جي سھولت جي اشد ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. شھر ۾ 20 کان مٿي رائيس ملون، پوليس ٿاڻو، ريلوي اسٽيشن، تعلقه ميونسپل آفيس، سول جج جي آفيس، مختيارڪار جي آفيس، پرائمري تعلقه ايجوڪيشن آفيس، پريس ڪلب جي آفيس، نيشنل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ، سنڌ بئنڪ، سول اسپتال، بوائز ۽ گرلز ھاءِ اسڪول، ھڪ گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول ۽ سوين دڪاندار پي ٽي سي ايل جي سھولت حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوشان آهن.

اسين تنگواڻي شھر واسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاه صاحب ۽ تنگواڻي تعلقي مان چونڊيل صوبائي وزير مير شبير علي خان بجاراڻي صاحب ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور کي اپيل ڪريون ٿا ته تنگواڻي شھر جي ٽيليفون ايڪسچينج آفيس کي مڪمل MASG سسٽم نصب ڪري (Install) ڏنو وڃي ۽ عملي جي مقرري سميت ضروري انفرا اسٽرڪچر مھيا ڪري جلد کان جلد ان کي ٻيھر بحال ڪري ھتان جي عوام تي احسان ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.