سماج ۾ موجود جنسي بگهڙ ۽ عورتن جي تحفظ جو سوال

صنوبر خاصخيلي 

انسان کي ازل کان اشرف المخلوقات جو شرف حاصل آھي جنھن سبب انسان ٻي مخلوق کان بالاتر آهي، اڄڪلهھ انسان جون حرڪتون ۽ ھلچل ڏسي ڪري اهو سوچڻو پوي ٿو ته يقينن حضرت انسان کان ھي شرف ڪڏهو ڪو کسجي وڃي ھا، ڇو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناھي ته اڄڪلهھ جي انسانن جي اڪثريت انسانيت جي درجي کان بري طرح منھن ڀر ڪري چڪي آھي ـ جٿي منهنجي ھن ڳالهھ تي اختلاف راءِ رکڻ سڀني جو بنيادي حق آھي ته  اتي حقيقت جي ڪسوٽي تي ڪنھن به ڳالهھ کي پرکڻ به سڀني جي بنيادي ذميداري به آھي ـ  اچو ته ان ڳالهھ کي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي اندر ۾ جھاتي پائي فيصلو ڪيون ته اسان سڀ انسانيت جي ڪھڙي ڪھڙي درجي تي فائز آھيون ۽ پاڻ کي انسان چورائڻ جي لائق آھيون به يا نه؛

ماھرن جي ويجھو انسان جون بنيادي ضرورتون خوراڪ، پاڻي، ھوا، رھڻ لاءِ ڇت، درجا حرارت جي مطابق ماحول ۽ جنسي تسڪين آھن ـ ان کان علاوه باقي ٻيون گھرجون ثانوي ضرورتن ۽ خواھشن ۾ شامل ٿين ٿيون ـ سوچڻ جي ڳالهھ اھا آھي ته انسان ان بنيادي ضرورتن جي تڪميل لاءِ ڇا ڇا نه اٽڪلون ۽ حرفتون ڪندو رهي ٿو ـ

فرائيڊ جي مطابق انسان جي ويجھو اھم ڳالهھ صرف ضرورتون پوريون ڪرڻ ئي تصور ڪئي وڃي ٿي  پوءِ اھي ضرورتون ڪھڙي به طرز جون ڇو نه ھجن اهو سوچڻ سمجھڻ کان سواءِ ته انهن ضرورتن جي پوراءَ ڪرڻ لاءِ جيڪو رستو اختيار ڪيو پيو وڃي اھو صحيح به آھي يا غلط ته پوءِ ڇا اسان سڀ ھي چئي سگھون ٿا ته ان وقت انسان جي شخصيت ۾ خواھشن جي پورائي جو پاڳل پڻو ان حد تائين غالب ٿي ويندو آھي جو ان ڳالهھ جو به  احساس ختم ٿي ويندو آھي ته ھو صحيح ڪري رھيو آھي يا غلط ـ

کاڌي، لباس ۽ گهر لاءِ ته ھر طرف کان افراتفري نظر ايندي آھي ـ ڪجهھ لمحن لاءِ انهن ڳالھين کي ھڪ طرف رکي پنھنجي توجهھ ھڪ انتھائي شرمناڪ پھلوءَ طرف ڪيون ٿا جنھن ۾ انسان بدڪاري ۾ حيوانن کي به پوئتي ڇڏي چڪو آھي ـ اسين ڳالهھ ڪري رھيا آھيون جنسي تسڪين جي، ان مقصد لاءِ انسان ۽ جانور ۾ جيڪو فرق رکيو ويو آھي اھو ھي آھي ته انسان لاءِ ان ضرورت کي پورو ڪرڻ صرف ھڪ خاص رشتي تائين محدود ڪيو ويو ۽ ان عمل ۾ ھڪ خاص پردو به  رکيو ويو ـ جڏھن ته ان جي برعڪس جانورن ۾ ايئن بلڪل به ناھي ـ انھن جي وچ ۾ ڪنھن به رشتي جي ڪابه شناس ناھي ھوندي ۽ نه ئي حيوانن جو اھڙو ڪو عمل دنيا جي نظر کان اوجھل هوندو آھي، جانور جتي چاھين جنھن سان چاھين ان ضرورت جي تسڪين ڪري سگھن ٿا ضرورت محض مخالف جنس جي آھي ـ

اڄ جڏھن اسين دنيا جي حالتن ۽ پريشان ڪندڙ واقعا ڏسون ٿا ته ھي ڳالهھ اسان تي ظاھر ٿئي وڃي ٿي ته انسانن حيوانن کان وفا ته ناھي سکي سگھي پر جانورن جي جنسي عمل کي غالبن نه رڳو سکي ورتو آهي بلڪ ان حد تائين انھن کان اڳ ڪڍي ويا جو انسان وٽ جنس جي لحاظ جو به تصور نه  رھيو ـ  جيڪي ٻارڙيون ۽ عورتون ٻاھر جي شيطان صفت ۽ وحشي درندن نما انسانن کان ته بچي وينديون آھن پر پنھنجي ئي گھر جي وحشي شيطانن جي ور چڙھي وينديون آھن ـ اسلام کان اڳ  ته نياڻي پيدا ٿيندي ئي دفنائي ويندي هئي پر ھاڻي اھڙو وقت اچي ويو آھي ته اسين نياڻي کي پيدائش وقت ته ناھيون ماريندا پر موقعو ملندي ئي انھن کي ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ھر روز موقعي جي تلاش ۾ موت جي گھاٽ ۾ اڇلائيندا رھندا آھيون ڇا پيدا ٿيندي ئي زندگي مري وڃڻ پنھنجن جي ھٿان روز روز مرڻ ڪافي گهڻو بھتر نه ھو ـ

جيڪو ڪجهھ اڄ جي عورت کي برداشت ڪرڻو پئجي رھيو آھي ـ ڇا "عورت” ٿيڻ ايترو وڏو ڏوھ ھو جنھن جي سزا ان صورت ۾ عورت کي ڏني وئي ؟ ٻارڙي ھجي يا عورت ھو گھر کان ڪنھن ڪم سان نڪري ته رستا ھن جي لاءِ غير محفوظ آھن ڇو ته اھا ڪنھن جي ذميداري ناھي، اگر ھو دفتر يا ڪنھن ٻي جڳهھ تي ڪم ڪري ته هراسمينٽ جو شڪار ٿي ويندي آھي،ـ نيٺ آخر ھوءَ پنهنجي مجبوري کپائڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي آھي جنھن جي قيمت ان جي عزت ھوندي آھي. ڪن جڳھن تي اگر ھو پنهنجي بالا آفيسرن جي وحشي خواھش کي پورو ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻجن ته ھو بري طرح سان ڌڪاريون وينديون آھن ـ محض جڳھن تي ته عورت جو ھڪ شوپيس وانگر ھجڻ ئي ھنن جي ملازمت جو خلاصو ھوندو آھي، گل ۽ پنکڙيون درندن جي ھٿان مرجھائجي رھيون آھن ـ انھن کي ان ڳالهھ جو به لحاظ ناھي رھيو ته اسان جي چند لمحن جي تسڪين ڪيترين خوبصورت زندگين کي اجاڙي تباھ ڪري رھي آھي نه ٻار محفوظ آھن نه ٻارڙيون نه ننڍي عمر جون نياڻيون ان ظلم جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگھيون نه وڏي عمر جون عورتون، آخر ايئن ڇو آھي ان جو سبب صرف ھڪ ئي آھي ته سرعام ڪڏھن ڪنھن کي اھڙي دردناڪ سزا ناهي ملي جيڪا سڀني شيطان ۽ وحشي صفت انسانن لاءِ عبرت جو نشان بڻجي سگھي ـ  جنھن ڏينھن ڪنھن ھڪ اھڙي وحشيءَ درندي نما شخص کي سرعام موت جي سزا ڏني وئي ته ان ڏينھن کان گھٽ ۾ گھٽ اهڙن ڏوھن جي شرح ڪافي حد تائين گھٽجي ويندي پر افسوس سان چوڻو پئجي رھيو آھي ته اسين ھر روز نئين واقعي جا منتظر هوندا آھيون ، مجرم ان حد تائين آزاد آھن ته ھو ڄاڻن ٿا ته جيڪڏھن ھو پڪڙ ۾ اچي به ويو ته به گرفت ۾ نه ايندو؟ انھن کان گھڻي عرصي تائين ڪو پڇڻ وارو به نه ھوندو ـ ان دنياوي عدالتن کان مفرور يا پڪڙ ۾ نه اچڻ وارن تمام مجرمن کان اھيو ڇو وسري ويو ته ڪجهھ ڏوھن جي ايف آئي آر ھن عدالت ۾ ناھي، ان عدالت ۾ ان وقت ڪٽي ويندي آھي جڏھن برداشت ڪرڻ وارو ھڪ دفعو ڳوڙھن جي سمنڊ سان ڀريل نگاھون مٿي کڻندو آھي ته اھا نگاھ اڪيلي واپس ناھي ورندي پر ظلم ڪرڻ واري جي دنيا آخرت جي تباھي به گڏ آڻيندي آھي ـ

تمام گھڻن روشن خيال ماڻهن جو خيال آھي ته اھڙيون تحريرون محض ملڪ ۽ قوم کي بدنام ڪرڻ لاءِ آھن ملڪي حالتون ايتريون ايترا به خراب ناھن جيتريون بيان ڪيون پيون وڃن ته اھڙن ڪجهھ فلاسافرن کي منھنجي گذارش آھي ته اوھان گونگا، انڌا، ٻوڙا ٿي ڪري زندگي گذاري رھيا آھيو ته ان سان حقيقتون ڪيئن ٿيون لڪي سگھن ـ ھڪ لمحي جي لاءِ مڃيو ته توھان درست چئي رھيا آھيو توھان آزمائش جي طور تي  پنھنجي ماءُ، زال، ڀيڻ ۽ ڌيءُ کي ٻاھر وٺي وڃڻ جي ذميداري پاڻ مٿان ھٽائي ڏسي جلد نتيجو توھان جي سامھون ھوندو. ھي سڀ قوم ۽ ملڪ کي بدنام ڪرڻ لاءِ نه پر ستل ماڻھن کي جاڳائڻ لاءِ آھي ـ خدارا جيڪڏھن اختيار وارن توھان کي اختيار ڏنا آھن ته تحفظ ڏيو ۽ جيڪڏھن تحفظ ڏيڻ اوھان جي وس جي ڳالهھ ناھي رھي ته کوکليون دعوائون ڪرڻ بند ڪيو ۽ اسان کي اسان جي حال تي ڇڏي ڏيو ته جيئن اھي بي وس فرد جيڪي پنھنجي ٻارڙين ۽ عورتن جي حفاظت ان ظالم درندن کان نٿا ڪري سگھن ھو پنهنجي ھٿن سان باعزت طريقي سان انھن جي زندگي جو انت آڻين نه ڪي انھن کي ان درندن جو شڪار ٿيڻ لاءِ بيدردي سان مرڻ لاءِ ڇڏي ڏين ـ اڄ مان چئي سگھان ٿي ته عورت جي تحفظ جا دعويدار سڀ ادارا اوندھي منھن ڪريل آھن ـ

انصاف ۽ تحفظ جي اميد رکڻ بي سود آھي ـ ھاڻي ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته قديم بھادر ۽ غيرتمند قبائلي عورتن وانگر اڄ جون عورتون ان حد تائين بھادر ٿين ۽ پنهنجي حفاظت لاءِ پاڻ وڙھن سکڻو پوندو ۽ ٿي سگھي ته پنهنجي حفاظت لاءِ حسب توفيق ھٿيار به ھر وقت پاڻ سان گڏ رکن ته بوقت ضرورت ان کي ڪم ۾ آڻي سگھن ته جيئن عزت تي ڌاڙو لڳڻ وقت پنهنجي عزت آبرو ۽ زندگي تباھ ٿيڻ کان بچائي سگھن ۽ پنھنجي عزت بچائڻ لاءِ اھيو سودو مھانگو ناھي ـ

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.