ڪوئيٽا ۾ کنڀيلن جي آزادي لاءِ وارث سراپا احتجاج

ڪوئيٽا(م ڊ) زرينا بلوچ هڪ ڀيرو ٻيهر 600 ڪلوميٽر جو ڊگهو سفر ڪري آواران کان ڪوئيٽا پهتي ۽ هتي هڪ مظاهري ۾ شرڪت ڪئي،  اهو مظاهرو هن جي مڙس شبير بلوچ جي بازيابي لاءِ ڪيو ويو جيڪو 4 آڪٽوبر 2016ع کان لاپتا آهي، زرينا بلوچ رياستي ادارن تي پنهنجي مڙس جي جبري گمشدگي جو الزام هنيو آهي پر سرڪاري عملدار انهن الزامن کي رد ڪندا رهيا آهن،بي بي سي موجب شبير بلوچ جو تعلق آواران سان آهي، هو بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن(آزاد) جو اڳاوڻ آهي، هن جي گهرواري ٻڌايو ته هو ۽ شبير ڪيچ جي علائقي گورڪوپ ۾ پنهنجي مائٽن وٽ ويا، چار آڪٽوبر تي سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار اتي آيا ۽ شبير بلوچ سيمت 20 ماڻهن کي پاڻ سان گڏ کڻي ويا، هن چيو ته مان ڪو بي بنياد الزام نه پئي هڻان، بلڪه شبير بلوچ کي منهنجي اکين آڏو کنڀيو ويو، هن چيو ته باقي 20 ماڻهن کي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڇڏيو ويو پر شبير اڃا تائين لاپتا آهي، هن چيو ته منهنجو هڪ ئي مطالبو آهي ته شبير بلوچ کي بازياب ڪرايو وڃي، جيڪڏهن هن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته هن کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، مظاهري ۾ حب چوڪي سان تعلق رکندڙ لاپتا شخص راشد حسين بلوچ جي والده به شامل هئي، هن ٻڌايو ته هن جو پٽ دبئي جي هڪ ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو جتان کيس مبينه گرفتاري بعد پاڪستان منتقل ڪيو ويو، هن تي ڪراچي ۾ چيني قونصل خاني تي حملي جو الزام هنيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.