ٻين صوبن جيان پنجاب ۾ به بغاوت ڪيس داخل پيا ٿين: مصطفيٰ نواز

اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته حبيب جالب جو خواب پورو ٿيو،  پنجاب به جاڳي پيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پنجاب جي سياسي ڪارڪنن تي به ٻين صوبن جيان بغاوت جا ڪيس داخل ٿي رهيا آهن. هن چيو ته سڄو ملڪ ان هائبرڊ نظام خلاف آهي، جيترا غداري جا ڪيس ٺاهڻا اٿَو ٺاهيو، پارليامينٽ جي بالادستي، آئين جي حڪمراني، بنيادي انساني حقن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. سندس چوڻ هو غداري جو الزام ته پاڪستان جي بانيڪار فاطمه جناح، ذوالفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو تي لڳايو ويو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.