ڀٽائي جي عرس جو آخري ڏهاڙو، لطيف ايوارڊ ورهايا ويا

ڀٽ شاهه (ن ع آ)  شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 277 هين عرس مبارڪ جي آخري ڏهاڙي تي ايڇ ٽي سورلي  هال ڀٽ شاهه ۾ مختصر ”لطيف ايوارڊ“ تقريب منعقد ڪئي ويئي جنهن ۾ سيڪريٽري ثقافت غلام اڪبر لغاري آيل مھمانن کي آجياڻو ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي وزير ثقافت سنڌ سردار شاهه 41 ھون لطيف ايوارڊ حاصل ڪندڙ راڳين، محققن، سازندن کي مبارڪباد پيش ڪئي. ھن چيو ته لطيف روايت شڪن ماڻھو ھو کيس روايتن ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي، جديد دور کي سامھون رکي غير روايتي انداز ۾ لطيف کي سامھون آڻڻو پوندو. صوبائي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ شاهه لطيف جي زندگي متعلق ڪيل ڪم کي سهيڙي “ڀٽائي پيڊيا” ٺاهي ويندي. صوبائي وزير چيو ته اسان ويجهڙائي ۾ ئي عبدالماجد ڀرگڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگوينج انجنيئرنگ قائم ڪيو آهي جنهن جي ٽيم امر فياض جي سربراهي ۾ “ڀٽائي پيڊيا” ايپليڪيشن ٺاهيندي. صوبائي وزير چيو ته شاهه لطيف صرف پُٽ ڏيڻ وارو پير نه هو، اسان شاهه لطيف جو علامتي مجسمو ٺهرائي ڪراڙ ڍنڍ ۾ نصب ڪرايو جنهن لاءِ آئون درگاهه جي گادي نشين سيد وقار حسين شاهه لطيفي جو شڪرگذار آهيان. صوبائي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته مونکي خوشي ٿي رهي آهي ته ناٿو فقير لنڊ کي کاتي طرفان سندس زندگي ۾ ئي “لطيف ايوارڊ” سان نوازيو ويو،ان موقعي تي سياحت و ثقافت جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه زندگي جي مختلف شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ جن شخصيتن کي “لطيف ايوارڊ” سان نوازيو انهن ۾ شاھ جو راڳي واري ڪيٽيگري ۾ وريام فقير خاصخيلي، راڳ واري ڪيٽيگري ۾ رجب فقير، سازندن ۾ هارمونيم وڄائيندڙ پير بخش، لطيفيات ۾ سونو خان عرف سرمد چانڊيو، سُگهڙن ۾ عبدالقادر کَٽِي، سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ ڀلي ڏنو عرف راجا ساند جنهن شاھ جي رسالي جي موبائل ايپليڪيشن ٺاهي آهي، جڏهن ثقافتي کاتي پاران ڇهن ڪتابن جو مهورت پڻ ڪرايو ويو جن ۾ نياز همايوني پاران شاھ جي رسالي جو فارسي ترجمو “گُلِ بانگ”، فضل رحيم سومرو پاران شاھ جي رسالي جو عربي ترجمو “رسالت السيد عبدالطيف ڀٽائي” ڄيٺمل پرسرام جو ڪتاب “شاھ جون آکاڻيون”، محمد سومار شيخ جو ڪتاب “لطيف جا لاڙ تان ڀيرا”،  ڀارومل امراڻيءَ جو ڪتاب “مٿان لَڪَ لطيف چئي” ۽ اسحاق سميجي پاران مرتب ڪيل ڪتاب “شاھ لطيف جي شاعريءَ جو تقابلي اڀياس” شامل آهن. تقريب ۾ ڊائريڪٽر جنرل ڪلچر عبدالعليم لاشاري، قائم مقام گادي نشين سيد خاور شاهه، مدد علي سنڌي، امر فياض ٻرڙو، پبلڪ ريلشنس آفيسر سعيد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو، ايس ايس پي آصف احمد ٻگھيو سميت اديبن، دانشورن، محققن، فنڪارن شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.