ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 923 ڪيس

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 923 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ فعال ڪيسن  جو انگ 9 هزارن کان وڌي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 632 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا جي مجموعي ڪيسن جو انگ 3 لک 14 هزار 616 ٿي ويو آهي.اين سي او سي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت فعال ڪيسن جو انگ وڌي 9 هزار 135 ٿي ويو آهي، هيل تائين مجموعي طور صحتياب ٿيندڙن جو انگ 2 لک 98 هزار 968 آهي.انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 6 فوتگيون ٿيون، جنهن کانپوءِ فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 6 هزار 513 تي پهچي ويو آهي.اين سي او سي موجب سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ هڪ لک 38 هزار 50، پنجاب ۾ 99 هزار 812، خيبر پختونخواهه ۾ 37 هزار 973، اسلام آباد ۾ 16 هزار 766، بلوچستان ۾ 15 هزار 371، آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 816 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 828 آهي.

آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ سبب ٻيهر لاڪ ڊائون

مظفر آباد (م ڊ) ڪورونا ڪيس وڌڻ کانپوءِ آزاد ڪشمير ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاڪ ڊائون جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙو  فيصلو آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. راجا فاروق حيدر جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 8.3 سيڪڙو آهي، جيڪا پاڪستان جي ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. اجلاس ۾ رياست ۾ مذهبي ميڙاڪا، سياسي ۽ سماجي تقريبون به محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته انٽري پوائنٽس تي چيڪنگ، ٽرانسپورٽ ۽ تعليمي ادارن ۾ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو ويندو. هن اختيارين کي لاڪ ڊائون جي حوالي سان ٻن ڏينهن ۾ ايس او پيز طئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته گهر کان ٻاهر ۽ آفيسن ۾ ماسڪ جي مڪمل پابندي ڪرائي ويندي ۽ ڀڃڪڙي تي ڏنڊ هوندو. 03

وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورس جي ڪارروائي، 2 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ کي گرفتار  ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، ان دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ به سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي ئي علائقي بويا ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪري ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو هو ۽ هڪ کي گرفتار ڪيو ويو هو. 03

ڪراچي ۾ايس او پيز  جي ڀڃڪڙي، 9 شادي هال ۽ 159 هوٽل سيل

ڪراچي (م ڊ ) ڪراچي ۾ ڪورونا وبا  جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ کان پوءِ شهري انتظاميا 9 شادي هال ۽ 159 هوٽلون سيل  ڪيا آهن.  3 ڏينهن ۾ هينئر تائين 9 شادي هالن کي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سيل ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف شهري انتظاميه جي آپريشن جي ٽئين ڏينهن 181 هوٽلن جو به معائنو ڪيو ويو جنهن مان 131 هوٽلون ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندي ڏٺيون ويون جڏهن ته 67 هوٽلن کي وارننگ ڏني وئي ۽ 41 کي سيل ڪيو ويو.ڪراچي ۾ گذريل  3 ڏينهن دوران ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي هينئر تائين 159 هوٽلون سيل ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته 7 دڪان، فيڪٽريون ۽ ميڊيڪل اسٽورن کي به سيل ڪيو ويو آهي ۽ هڪ لک 30 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

ڪي پي ڪي ۾ڪورونا وڌڻ تي 5 تعليمي ادارا بند

پشاور (م  ڊ ) خيبرپختونخواهه جي حڪومت سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي 5 تعليمي ادارا  بند ڪري ڇڏيا.ڪورونا ڪيس سامهون اچڻ تي خيبرپختونخواهه ۾ بند ڪيل تعليمي ادارن ۾ 4 سرڪاري ۽ هڪ خانگي اسڪول شامل آهي. خيبرپختونخواهه جي تعليم واري وزير شهرام  ترڪني جو چوڻ آهي ته استاد ڪلاس رومن ۾ شاگردن جي سماجي وٿي کي يقيني بنائين. شاگرد ۽ شاگردياڻيون ماسڪ لازمي پائين.هن چيو ته ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ  اسڪولن کي فوري طور تي بند ڪيا ويندا. ان کان علاوه تعليم واري وزير شهرام ترڪني گورنمنٽ هائر سيڪنڊري اسڪول ڊاگني صوابي دوري جي دوران اسڪول ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جو به جائزو ورتو.

لاهور مودي جي يار جي سياست رد ڪري ڇڏي: شهزاد اڪبر

لاهور ( م ڊ ) وزيراعظم عمران خان جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته گذريل ڏينهن لاهور جي رهواسين مودي جي يار جي  سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.گذريل ڏينهن لاهور ۾ (ن) ليگ  جي احتجاج جي حوالي سان شهزاد اڪبر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته زنده دل لاهورين مودي جي يار جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، (ن) ليگ جي فلاپ شو نوازشريف جي هارايل سياست جا راز فاش ڪري ڇڏيا.مسلم ليگ هنن جي ضدي اولاد جي ڏوهن جو وزن کڻڻ کان قاصر آهي.

ڇا مريم نواز جي ملاقاتن ۾ شهباز گل موجود هو: راڻا ثناءُ الله

لاهور ( م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ايم اين اي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ڇا مريم نواز جي ملاقاتن ۾ شهباز گل موجود هو. شهباز گل جي بيان تي رد عمل ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته غداري ۽ انڊين ايجنٽ جا الزام لڳائي حڪومت ڪرپشن جي بيانئي ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪري پئي. هن چيو ته جيڪا خطرناڪ راند ڪئي پئي وڃي، اها ڪنهن لاءِ بهتر ناهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته شهباز گل ۽ شيخ رشيد جي مقرري سان ثابت ٿئي ٿو ته صرف هي ٻه ڄڻا ئي آهن جيڪي ميرٽ تي عمران خان جا ترجمان آهن. 03

غداري جي الزامن سان ڊڄڻ وارا ناهيون: مريم اورنگزيب

اسلام آباد( م ڊ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته هو غداري جي الزامن کان ڊڄڻ وارا ناهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي ترجماني اڄ اهي پيا ڪن جن جو ملڪ سان تعلق ناهي. هن چيو ته ڀاڙي جا ترجمان صبح شام خطرناڪ بيانيو شروع ڪري ڇڏين ٿا. مريم اورنگزيب چيو ته سياسي زلزلو هاڻي پي ڊي ايم ذريعي ايندو، چورن کي گهر موڪلينداسين. 03

سعودي عرب ۾ 2 لک پرڏيهي نوڪرين تان فارغ

رياض(م ڊ) سعودي عرب ۾ هلندڙ سال جي ٻئي ٽه ماهي دوران ملازمت مان فارغ ٿيل سعودي شهرين جو تعداد 1 لک 16 هزار ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 لک  پرڏيهي پڻ نوڪري مان فارغ ٿي ويا آهن.سعودي عرب جي انگن اکر ن واري کاتي پنهجي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته سال 2020 جي ٻئي ٽه ماهي دوران 53 هزار کا وڌيڪ سعودي شهرين نوڪرين تان اسٿعفيٰ ڏنا،استعفيٰ ڪورونا وائرس جي وبا دوران ڏنا ويا جڏهن ته ان عرصي دوران 36 هزار کان وڌيڪ سعودي شهرين جي نوڪرين جا معاهدا ختم ٿيا.جڏهن ته 2 لک 84 هزار پرڏيهين پڻ نوڪري ڇڏي آهي.

وڏي وزير جو ٺٽي جو مختصر دورو، شيرازي ڀائرن سان تعزيت

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٺٽي جي مختصر دوري دوران شيرازي ھائوس پھچي  صوبائي صلاحڪار اعجاز علي شاھ شيرازي ۽ اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي سان سندن والدہ جي وفات تي عذر خواھي ڪري ڏک ونڊيو، وڏو وزير ميڊيا سان ڳالھائڻ کان سواءِ واپس روانو ٿي ويو،   ان موقعي تي ايم اين اي اياز  شاھ شيرازي، ايم پي اي  رياض شاھ ، ايم پي اي سيد شاھ حسين شاھ شيرازي، عبدالغني قريشي، حاجي خير محمد بروھي ۽ ٻيا پ پ پ اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.