سامونڊي علائقن ۾ نئون صوبو قبول ناهي: ايس يو پي

ڪورنگي(ن ع آ)سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ڪراچي جي نائب صدر منير مگسي چيو آهي ته  سنڌي ۽ بلوچن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ  لاءِ ۽ قدرتي آفتن کان بچائيندڙ ٻيٽن تي وفاق پاران نئون صوبو ۽ نوان شهر ٺاهڻ رد ڪيون ٿا ٻيٽن تي شهر اڏڻ سنڌ ۽ بلوچستان جي وحدت تي وار آھي وفاق جي اهڙي بالادستي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪبو، هن چيو ته  وفاق جي اهڙن فيصلن سان ملڪ وڌيڪ ڪمزور ٿيندو ۽ قومن ۾ نفرتون وڌنديون۔ اسين تاريخي ۽ منظم جدوجهد ذريعي صوبن جي ملڪيت ۽  وسيلن کي لٽيندڙ وفاق جي سامهون رڪ جي ديوار ثابت ٿينداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.