سنڌ واسين ٻيٽن تي قبضو رد ڪري ڇڏيو، لکين ٽوئيٽ سان ٽاپ ٽرينڊ

ڪراچي (م ڊ) سنڌ واسين آئيلينڊ اٿارٽي ٺاهي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو آهي.  ان سلسلي ۾ ٽوئيٽر تي لکين ماڻهن ٽوئيٽ ڪري آئيلينڊ اٿارٽي کي رد ڪري ڇڏيو. آئيلينڊ اٿارٽي بابت صدارتي  آرڊيننس خلاف سوشل ميڊيا تي به سخت ڪاوڙجو اظهار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا تي ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽن تي وفاقي والار جي ڪوشش خلاف سخت رد عمل ڏيکاريو ويو.  ٽوئيٽر تي سنڌ ريجيڪٽس آئيلينڊ آرڊيننس ٽاپ ٽرينڊس ۾ شامل رهيو. ان سلسلي ۾  قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته صوبائي حدن تي والار واري ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ صدارتي آرڊيننس کي رد ڪري سگهجي ٿو. غير آئيني طور آرڊيننس جاري ڪرڻ تي صدر خلاف ريفرنس به آڻي سگهجي ٿو. ٽوئيٽر تي پ پ جي سوديبازي، جي ڊي اي جي ماٺ تي سوال اٿاريا ويا. ذوالفقار مرزا جي ڪردار تي به سوال اٿاريا ويا ته هو ڇو خاموش آهي. خدا ڏنو شاهه، عاجز جمالي، وحيده مهيسر، صفدر مير، عرفانا ملاح، عرفان عالماڻي، صفدر مير سميت ملڪ جي مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن، ليکڪن ۽ سڄاڻ ڌُرين ٽوئيٽ ذريعي اٿارٽي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.