فوج خلاف ڳالهائڻ تي ڪيپٽن صفدر خلاف بغاوت ڪيس

گوجرانوالا (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ڪيپٽن (ر) محمد صفدر خلاف گوجرانوالا ۾ بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف  ڪيس سيٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ن ليگ ايم پي اي عمران خان بٽ کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب ڪيپٽن (ر) صفدر جمعي ڏينهن عمران خالد بٽ جي رهائشگاهه تي ميٽنگ ڪئي هئي، جنهن ۾ رياستي ۽ انتظامي ادارن خلاف شر ۽ ڌمڪين جوڳا لفظ استعمال ڪيا ويا هن فوج خلاف ڳالهايو ۽ احتجاج جي زور سان حڪومت ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي. ڪيپٽن (ر) صفدر ۽ ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيم به جوڙي وئي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.