پاناما جاچ ۾ برگيڊيئر شامل ٿيڻ تي نواز شريف جا فوج سان اختلاف ٿيا: فواد چوڌري

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي وزير فواد چوڌري اپوزيشن جِي تحريڪ کي “ڏڦيڙ پکيڙيو مهم ” قرار ڏيندي چيو ته ابُو بچايو مهم جيان هِي مهم به  ناڪام ٿيندي. فواد چوڌري چيو آهي ته بدقسمتي آهي جو پيپلزپارٽي ۽ نوازليگ کي شدت پسند گروهه جو سهارو وٺڻو پئجي رهيو آهي. پ پ ڪارڪن کي خراب محسوس ٿيندو هو ته سندن جماعت مولانا فضل الرحمان جِي قيادت ۾ اڳتي هلندِي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري نون ليگ جَي مظاهري تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته نواز ليگ ۽ بلاول کي مشورو ڏنو هو ته اوهان هاڻي شادي هالن ۾ جلسا ڪيو، اتي به ايترا ئي ماڻهو هوندا آهن، سراج الحق به مذهبي جماعت جو سربراهه آهي پوءِ مولانا فضل الرحمان ارب پتي ڪيئن بڻجي ويو؟. سراج الحق جي ڇت ٽمندي آهي پر فضل الرحمان اربين رپين جو مالڪ ڪيئن ٿيو. 03

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.