نوازشريف جو پٽ ڀارت جي موڪليل ماڻهن سان مليو: شهباز گل

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)  وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ڪالهه لاهور نواز شريف ۽ مريم نواز جو پاڪستان ۽ ان جي فوج جي خلاف بيانيو رد ڪري ڇڏيو. ڪالهه آچر ڏينهن هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو ووٽر هجي يا ڪو به پاڪستاني اهو پاڪ فوج سان محبت ڪري ٿو، گذريل هفتي نواز شريف لنڊن ۾ جنهن سفارتخاني وڃي ڳجهي ملاقات ڪئي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان مخالف پروپئگنڊه وڪرو نه ٿيندي،  شهباز گل چيو آهي ته شهباز شريف کي پنجاب جي پڳ قرار ڏيڻ پڳ جي توهين آهي جڏهن ته پنجاب جي پڳ ته عزت جي نشاندهي هوندي آهي، شريف خاندان چوري ۽ ڦرلٽ جي علامت بڻجي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.