صدارتي آرڊيننس جي خبر ميڊيا ذريعي پئي آهي: سراج دراني

ڊکڻ(رپورٽ:آفتاب لاشاري) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ڊکڻ ۾ مختلف هنڌن تي تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان  ڳالهائيندي چيو آهي ته ٻيٽن بابت جاري ڪيل صدارتي آرڊيننس بابت ميڊيا ذريعي خبر پئي آهي،سنڌ جي ايراضي سنڌ جي ملڪيت آهي،سنڌ جا ماڻهو ڪڏهن به سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏيندا،ناڪام ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن الڳ صوبي جي ڳالھه ڪندا آهن،پاڪستان جي پهرين قرارداد سنڌ اسيمبلي پاس ڪئي هئي،اسان هيمشه  عدالتن جو احترام ڪيو آهي،هن چيو ته  جيستائين نيون تڪبنديون نه ٿينديون،تيستائين مڪاني چونڊون ٿيندي نظر نه پيون اچن،هن هڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ مان گئس نڪري ٿي،تنهن ڪري سنڌ کي گئس جي فراهمي بند نه ٿيڻ گهرجي. ،ان موقعي  آغا اسد، علي بحر رند، جاويد دراني، عرفان علي عباسي، مختيار ڪنڀر، الطاف حسين سومرو ۽ ٻيا موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.