جيئي سنڌ محاذ پاران گورنر هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

ڪراچي(پ ر) ئي سنڌ محاذ طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني اٿارٽي ٺاھي وفاق طرفان ڪيل قبضي خلاف جيئي سنڌ محاذ طرفان 25  آڪٽوبر تي گورنر ھائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان  جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته سنڌ جي ماڻھن کي پنھنجي ئي ڌرتي تي اقليت ۾ آڻڻ ۽ ان جي پيداواري وسيلن تي قبضي لاءِ وفاق ھي فيصلو ڪيو آھي ٻيٽ ۽ سڄي ساحلي پٽي 25 لک ماھيگيرن جي گذر سفر جو ذريعو آھي غير قانوني ۽ غير آئيني صدارتي آرڊيننس مڙھي سنڌ مٿان ماحولياتي تباھي ۽ سڄي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ھي منصوبو آندو ويو آھي ترقي جي نعري ھيٺ سنڌ کي برباد ڪرڻ جو فيصلو مڙھيو ويو آھي ست ڏھاڪن ۾ ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين ڌرتي ڌڻين کي پسمانده رکي ٻاھران ماڻھو کڻي جديد رھائشي منصوبا ٺاھي صعنتون جوڙي سنڌ واسين جي رھائش کان وٺي نوڪرين تائين رستا بند ڪيا ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.