سنڌ ۾ڪورونا وائرس جي نئين لهر، هڪ ئي ڏينهن ۾ 13 فوتگيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ڪووڊ-19 جي نئين لهر سان گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ان سان وائرس سبب فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 2512 ٿي ويو آهي.

ڪورونا وبا جي تازي صورتحال بابت پنهنجي بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11689 نمونن جي جاچ ڪئي وئي ۽ ڪورونا جا 361 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪو موجوده سڃاڻپ واري شرح جو 3 سيڪڙو آهي. هن وقت تائين صوبي ۾ گڏيل طور تي 13 لک 74 هزار 768 ڪورونا وائرس جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن ۽ سڄي سنڌ ۾ 1 لک 37 هزار 467 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 158 مريض صحتياب ٿي گهر وڃي چڪا آهن. ڪورونا وائرس مان هن وقت تائين صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 1 لک 30 هزار 510 ٿي ويو آهي جيڪو 95 سيڪڙو بحالي جي شرح کي ظاهر ڪري ٿو.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪووڊ-19 جي نئين لهر سبب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 مريض ان وبا سبب لاڏاڻو ڪري ويا جنهن سبب لاڏاڻو ڪندڙن جو گڏيل انگ 2512 ٿي ويو آهي، هن وقت 4445 مريض علاج هيٺ آهن جنهن مان 4161 گهرن ۾، 7 آئسوليشن سينٽر ۾ ۽ 277 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. 192 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جنهن مان 37 کي وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 361 نون ڪيسن مان 249 جو تعلق ڪراچي سان آهي. انهن مان 85 ڏکڻ ضلعي، 66 ضلعي اوڀر، 37 سينٽرل ضلعي، 36 ملير، 17 ڪورنگي ۽ 8 اولهه جا شامل آهن. اهڙي ريت بدين 19، حيدرآباد 12، دادو 7، گهوٽڪي 6، ڄامشورو 5، ميرپور خاص 3، نوشهروفيروز، قمبر لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ 2-2 جڏهن ته مٽياري، شهيد بينظير آباد، شڪارپور ۽ ٺٽي مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هن چيو ته وائرس وڌيڪ پکڙجي رهيو آهي ان ڪري سڀني کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.