وارهه: مڪاني ادارن جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف مظاهرو

مڪاني ادارن جي ملازمن پاران ٻن مهينن جون رهيل پگهارون جاري نه ٿيڻ خلاف وارھ ۾ احتجاج ڪيو ويو . ٽائون ڪاميٽي وارھ جي ملازمن حفيظ ٻگهيو، عطاءُالله ڇٽو، شبير ماڇي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ وارھ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ،  ان موقعي تي هنن چيو ته مڪاني نمائندن جو مدو ختم ٿيڻ ۽ اختيار روينيو عملدارن ڏانهن منتقل ٿيڻ بعد ٻن مهينن کان پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن جنهن سبب مڪاني کاتي جا ملازم فاقاڪشي تي مجبور آھن. هنن گهر ڪئي ته رهيل پگهارون جاري ڪري مڪاني کاتي جا اختيار روينيو آفيسرن کان کسي مڪاني کاتي جي آفيسرن حوالي ڪيا وڃن ۽ پگهارون ٽريزري معرفت اڪائونٽن ۾ اماڻيون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.