گمبٽ: گمس اسپتال ۾ ايم ايس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي خلاف احتجاج

گمس اسپتال ۾ ايم ايس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻي جي زيادتين ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي اڳواڻن تي ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي  تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  ايم ايس ارشاد ڪاظمي ملازمن سان ناجائزيون ڪري ڪيس داخل ڪرايو آهي جنهن جي  هو مذمت ڪن ٿا، احتجاج  ڪندڙ  ھدايت ﷲ عباسي. راحب علي ٻانڀڻ،  ماجد علي آرائين منضورعلي ڦلپوٽو ۽ٻين مطالبو ڪيو ته ايم ايس لاڙڪاڻو کي هٽائي ملازمن تي داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ مڪمل طور او پي ڊي بند ڪئي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.