ماٿيلي ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن مليل، بجلي چوري

ميرپورماٿيلو (ن ع آ) ميرپورماٿيلو شھر ڊگري ڪاليج ڀرسان سٽي ون ايڪسپريس فيڊر تي ھلندڙ يوفون ٽاور جو ميٽر سڙي وڃڻ بعد گذريل ٻن مھينن کان ٽاور کي ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، جڏھن تہ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن سبب 24 ڪلاڪ ھکندڙ يوفون نيٽورڪ ٽاور ذريعي ھر مھيني لکين روپين جي بجلي چوري ڪئي پئي وڃي، جڏھن تہ گذريل ڏينھن عوامي آواز جي ٽيم پھچي بجلي چوري جا اھڙا ثبوت ۽ ويڊيوز ھٿ ڪري ورتا آھن، ان سلسلي ۾ انڪشاف ٿيو آھي تہ ايڪسيئن سيپڪو ميرپورماٿيلو ڊويزن پاران ھڪ لائين مين ذريعي 40 ھزار روپيہ ماھانہ رشوت وٺي بجلي چوري ڪرڻ جي خانگي ڪمپني کي اجازت ڏني وئي آھي.، رابطو ڪرڻ تي موقف ڏيڻ بجاء ايڪسيئن سيپڪو ميرپورماٿيلو معراج شيخ فون بند ڪري ويو، جڏھن تہ انچارج ايس ڊي او سيپڪو محمدين دايو عوامي آواز کي ٻڌايو تہ منھنجي ڄاڻ ۾ اھا شي نہ ھئي جيڪي ويڊيوز ڏيکاريو ٿا،ھن چيو تہ ٿي سگھي ٿو ڪورونا وائرس جي ڪري ميٽر شارٽ ھئڻ ڪري ھنن ڊائريڪٽ ڪنيڪشن ڪئي ھجي ۽ ٿي سگھي ٿو بجلي چوري جي ڪري يوفون ٽاور وارن مٿان ڊٽيڪشن بل لڳايو ويو ھجي، ھن چيو تہ جاچ ڪري ھو بجلي چوري ڪندڙ ڄاڻايل ٽاور انتظاميہ خلاف سخت ڪاروائي ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.