ٽنڊو باگو ۾ پلاٽ تي قبضي خلاف عورتن جو احتجاج

ٽنڊو باگو (ت ر ) ٽنڊو باگو وارڍ 1 شيدي  پاڙي جي رهواسين شهربانو.محمد صديق امام زادي ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو اسان جا ڀاڻيجا وڪيو شيدي صالح  بچايو ۽ ٻيا اسان جي پلاٽ تي زوري قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جڏهن پلاٽ اسانجي ذاتي ملڪيت آھي جنهن جي لکت به پڻ آھي ڪافي عرصي کان اسان هن پلاٽ ۾ رهون ٿا جڏهن ته عدالت سڳوري پاران به فيصلو اسانجي حق ۾ ڏنل آھي پوءِ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن هنن چيف جسٽس ۽ٻين وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي هنن مان جان ڇڏائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.