سڪرنڊ ۾ زمين تي قبضي خلاف همراهه جو ٻارن سميت احتجاج

سڪرنڊ ( ن ع آ ) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ پراڻو ٻاٺو جي رھواسين انور علي ڪيريو، عاشق علي ڪيريو، ميرڻ ڪيريو، مسمات حبيب خاتون ۽ مسمات نبت ڪيريو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ سڪرنڊ ميڊيا سينٽر تي احتجاج ڪيو ۽ انور خان ڪيريو چيو ته منهنجو سالو مير خان ڪيريو منهنجي فوت ٿي ويل گهرواري مرحوم مسمات بنگل جي حصي جي زمين جا پنج ايڪڙ اٺ گھنٽا  هئا، جن مان هن اسان کي صرف ٻه ايڪڙ ڏنا آھن، جڏهن ته باقي ٽي ايڪڙ اٺ گھنٽا زمين تي قبضو ڪري ويٺو آھي جنهن زمين جو اسان وٽ کاتو پڻ آھي، جيڪو اسان جي حصي جي زمين مختلف ماڻھن کي کپائي ڏئي رهيو آھي ، ان موقعي تي عورت مسمات حبيب خاتون ۽ مسمات نبت چيو ته زمين اسان جي ماءُ جو حق آھي، چيف جسٽس ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.