پکي ۾ مڇرن جو آزار، انتظاميا ڦوهارو نه ڪرايو

پکو (ن ع آ) پکو شھر ۽ آسپاس جي علائقي جي ڪيترن ڳوٺن گھوگھارو , ديدڙ , ڪرم ٻوڪ , خيرپورجوسو , شريفاڻي , ڳڙھي غلام علي اسراڻ , يارمحمد مغيري , علي محمد ورک , ميڪڻ ڳوٺ , ٻٽيون , ڳوٺ پنھل چانڊيو , گلو مغيري , درياءّ خان ۽ عطر ڳوٺ سميت ٻين ڪيترن ئي مختلف ڳوٺن ۾ زهريلن مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي مڇرن جي چڪ مان شهري توڙي ڳوٺاڻا ننڍا توڙي وڏا مرد ۽ عورتون مليريا جهڙي موذي مرض ۾ وٺجي ويا آهن، ان حوالي سان رهواسين  راڻو ڀائي , خالد چانڊيو , صدام ميراڻي , شفقت علي ميئو , سليمان کوکر ۽ ٻين دانيهندي چيو ته  هڪ ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ٻيو وري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جنهن ڪري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهيون، شڪايتن باوجود انتظاميا ڪجھه ناهي ڪيو، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي علائقن ۾ مڇر مار ڦوهارو ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.