جماعت اسلامي طرفان ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ڪري انتظاميا خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ بااختيار شهري حڪومت ئي سمورن مسئلن جو حل آهي ان ڪري سنڌ حڪومت جو موجوده مڪاني ايڪٽ رد ڪيو وڃي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ کي ڀڄڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي، قومي ناڻي تي بار مڙهي ڪي اليڪٽرڪ کي وڌيڪ نوازيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ جي لاءِ فرار ٿيڻ جو رستو ٺاهڻ لاءِ نئين ڪمپني کڻي اچڻ جي تياري پئي ڪري، اهڙي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ذمي سموريون رهتون قومي ناڻي ۾ ادا ڪيون  وينديون، جماعت اسلامي ڪنهن صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي ڀڄڻ جو موقعو نه ڏيندي.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير ان عزم جو اظحار ڪيو ته ڪراچي حق تحريڪ مسئلن جي حل تائين جاري رهندي ۽ اسان عوامي دٻاءَ جي ذريعي ئي ڪي اليڪٽرڪ سميت سمورا مسئلا حل ڪرائينداسين، ڪراچي ۾ نئين سر آدم شماري ڪئي وڃي. هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آفيس جي ٻاهران پي ٽي آءِ عوام کي بي وقوف بڻائڻ ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي سپورٽ ڪرڻ جي لاءِ ڌرڻو هنيو جنهن کي اسد عمر اِهو چئي ختم ڪرائي ڇڏيو هو ته هاڻ شهر ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.