سنڌ ۾ پرائمري اسڪول بند ٿيندا يا نه؟ اهم خبر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي پرائمري اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز تي جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب صوبائي وزير ناصر حسين شاهه سان گڏ ڪابينا اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت جي ڪا مدد نه پئي ڪري.

ناصر حسين شاهه چيو ته نئين گئس پائپ لائن جو موجوده گئس بحران سان ڪو واسطو ناهي، گئس پائپ لائن تي ڪم ۾ دير سنڌ حڪومت طرفان نه ٿي.

هن چيو ته گئس جي کوٽ جو مسئلو سامهون آيو آهي، جنهن جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو پيو وڃي، هر ڳالهه جو الزام ٻين تي هڻڻ پي ٽي آءِ جي عادت ٿي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن تي پرائمري اسڪول بند ڪرڻ جي تجويز تي جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.