سپريم ڪورٽ جو بلوچستان جا سمورا اڏاوت هيٺ ڊيم 3 سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم

چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ ڪوئيٽا رجسٽري ۾ ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته بلوچستان ۾ پاڻي جي صورتحال بد کان بدترين ٿيندي پئي وڃي، صوبائي حڪومت کي ان جو ڪو ادراڪ آهي؟

جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڪيترا ڊيم آهن؟ ۽ نوان ڪيترا پيا ٺاهيو؟

ان تي ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته هن وقت صوبي ۾ شادي ڪور  ڊيم ۽ ميراڻي ڊيم ڀريل آهن، صوبي جا 3 ڊيم 3 سالن جي پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪري سگهن ٿا.

پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ (پي ايڇ اي) اختيارين ٻڌايو ته صوبي ۾ 100 ننڍن ڊيمن جي منصوبن تي ڪم جاري آهي، 40 ڊيم مڪمل آهن جڏهن ته 60 تي ڪم جاري آهي، جڏهن سڀ بڻجي ويندا ته پاڻي جي کوٽ نه رهندي.

جسٽس گلزار پڇاڻو ڪيو ته هنا ڍنڍ جي ڪهڙي صورتحال آهي، اُتي ڪيترو پاڻي موجود آهي؟ ان تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڍنڍ مڪمل ڀرجي وئي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پاڻي جي ضرورت آهي ته ڊيمن جي اڏاوت اڻٽر آهي، صوبائي حڪومت ان تي ڌيان ڏئي، سمورا ڊيم 3 سالن جي اندر مڪمل ڪيا وڃن ۽ نه ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، توهان وٽ وقت ناه ، صوبي ۾ ڊيمن جي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو وڃي، هتي 50 سالن جي شئي 5 سال به نٿي هل سگهي، اسان هر ڪم قومي احتساب بيورو کي نٿا ڏئي سگهون ته هو ڪري.

عدالت ڪوئيٽا کان 25 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي پي ايڇ اي جي ٽيوب ويلز سان پاڻي فراهم ڪرڻ جي طريقيڪار کي واضح ڪرڻ جي هبهدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 مهينن جا لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.