افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي عالمي برادري به ساراهيو: صدر عارف علوي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته افغان تڪرار جو فوجي حل ناهي، سياسي ڳالهيون ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهن.

افغانستان جي قومي مفاهمت جي اعليٰ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله اڄ صدر عارف علوي سان ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کي عالمي برادري طرفان ساراهيو ويو، دوحا ۾ بين الافغان ڳالهين جي شروعات برسات جو پهريون ڦُڙو آهي.

هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان قيادت کي تعميري، جامع ۽ وڏن بنيادن تي سياسي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ان تاريخي موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي.

صدر عارف علوي ان عزم جو به اظهار ڪيو ته پاڪستان افغانستان جي مستقبل جي حوالي سان افغان قوم طرفان ڪيل فيصلن تي انهن سان گڏ بيٺو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.