”عمران جي ڌرڻي دوران ان وقت جي آءِ ايس آءِ چيف استعيفيٰ ڏيڻ يا نتيجا ڀوڳڻ جو چئي ڇڏيو هو“

 

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ليفٽيننٽ جنرل ظهير السلام عمران خان جي ڌرڻي دوران مون سان رابطو ڪري پيغام ڏنو ته مان استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃان نه ته نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃان.

تفصيل موجب وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مسلم ليگ ن جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي (سي اي سي) جو اجلاس لاهور ۾ ٿيو، جنهن ۾ مريم نواز، احسن اقبال، شاهد خاقان عباسي، محمد زبير ۽ راجا فاروق شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ شهباز شريف جي گرفتاري سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويو جڏهن ته موجوده حالتن کي ڏسندي سياسي حڪمت عملي ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون.

اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اڄ اسان انگريزن جي غلامي مان نڪري پنهنجن جي غلامي ۾ اچي ويا آهيون. اسان آزاد شهري ناهيون، پنهنجي پاڻ کان پڇو ته ڇا توهان آزاد شهري آهيو؟ اُهو وقت پري ناهي جڏهن سمورين شين جو حساب ڏيڻو پوندو. فيصلو ڪيو آهي ته ذلت جي زندگي اسان نٿا جي سگهون.

هن اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اسيمبلي ميمبرن کان سوال ڪيو ته جنهن پارليامينٽ ۾ توهان ميمبر آهيو اُهي ڪيترا خود مختيار آهيو. مون کي ماڻهن کان خبر پئي آهي ته ان پارليامينٽ کي ڪير ٻيو پيو هلائي، ٻيا ماڻهو پارليامينٽ ۾ اچي ٻڌائيندا آهن ته اڄوڪي ايجنڊا ڪهڙي هوندي. پارليامينٽ کي رٻڙ جو اسٽيمپ (ٺپو) بڻايو ويو آهي.

نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل ظهير السلام عمران خان جي ڌرڻي جي آخري رات مون سان رابطو ڪري پيغام ڏنو ته مان استعيفيٰ ڏئي گهر هليو وڃان نه ته نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃان.

هن چيو ته سليڪٽر اهڙي وزير اعظم کي کڻي آيا آهن جنهن کي ڪا به خبر ناهي، هن کي اچي ڪجهه به نه ٿو ۽ هو لاشعور آهي، کيس نه ڪنهن شئي جي خبر اٿس نه ئي دماغ اٿس.

سندس چوڻ هو ته جنهن اهڙي وزير اعظم کي مڙهيو آهي اُهي ئي ڏوهاري آهن انهن کان جواب وٺڻو آهي، اسان ان جو حساب وٺي رهنداسين پوءِ ڀلي هفتا مهينا يا سال لڳي وڃن پر حساب ضرور وٺنداسين.

نواز شريف چيو ته شهباز شريف کي ته پڪڙيو ويو پر عاصم سليم باجوه اڃان آزاد آهي، جهڙي ريت عمران خان پاڻ جسٽس ثاقب نثار کان ڪلين چٽ ورتي اهڙي ئي ريت عاصم سليم باجوه کي به ڏياري. مون کي خبر آهي ته نظريي جو بار ڪير به نٿو کڻي سگهي پر جيڪڏهن ٿوري همت ڪئي وڃي ته تبديلي اچي ويندي، ٿورو حوصلو گهرجي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي گلگلت بلتستان جي چونڊن جي ڀرپور تيار ڪرڻ گرجي ۽ ڪنهن به رنڊڪ کي منهن ڏيڻ گهرجي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته اسان کي فخر آهي ته اسان جا ساٿي جرعت سان مقابلو ڪري رهيا آهن، شهباز شريف بي مثال جرعت ۽ بهادري ۽ استقلال جو مظاهرو ڪيو آهي، اُهو مرد ميدان آهي، هن ڏکيائين جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، اسان جي نظريي کي تقويت ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، ۽ وفاداري ۽ نظرياتي وابستگي جو مثال قائم ڪيو، ڏکيائي کي برداشت ڪري ڪردار ادا ڪنداسين ته قوم کي سمورين مصيبتن مان ڇوٽڪارو ملي ويندو.

ن ليگ جي سربراهه وڌيڪ چيو ته سليوٽ ڪيان ٿو ته هن ديانتداري سان قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي، پنجاب ۾ ڏينهن رات محنت ڪري بجلي جا ڪارخانا هنيا، اسحاق ڊار وسيلا مهيا ڪيا، اِهو سمورو ڪريڊٽ شهباز شريف، خواجا آصف ۽ شاهد خاقان عباسي جي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو، انهن سرڪاري آفيسرن کي به سلام پيش ڪيان ٿو جن توانائي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.