کپرو: بااثرن پاران ٻني تي قبضي خلاف جوڻيجا برادري جي ماڻھن جو احتجاجي مظاهرو

کپرو لڳ کاهي ٿاڻي جي حد روڻجهو ۾ بااثرن پاران ٻني تي قبضي خلاف جوڻيجا برادري جي ماڻھن پاران حسين جوڻيجو. علي نواز جوڻيجو. ممتاز ۽ عمر جوڻيجو جي اڳواڻي  ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته علائقي جي بااثرن سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ،

هنن وس وارن سميت ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري کي انصاف ڏياريو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.