چيچه وطني ۾ ٽريفڪ حادثو، هڪ ئي خاندان جا 6 ڄڻا فوت

چيچه وطني(ويب ڊيسڪ) ڪماليه روڊ تي نئين آبادي جي ڀرسان ٽريفڪ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ خاندان جا 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

چيچه وطني ۾ ڪماليه روڊ تي نئين آبادي جي ڀرسان ٽرالر ڪار جي مٿان ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي ڪري 6 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن ۾ 3 عورتون، 2 مرد ۽ هڪ ٻار به شامل آهي، واقعي کان پوءِ ريسڪيو اهلڪارن لاش کي ڪار مان ڪڍي تحصيل هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ريسڪيو اهلڪارن موجب فوت ٿيلن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي جڏهن ته حادثو تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو، تيز رفتار ٽرالر جو ٽائر ڦاٽڻ سبب ٽرالر ڪار جي مٿان ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي ڪري ڪار ۾ سوار سمورا ماڻهو فوت ٿي ويا پر حاڊثي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار چيچه وطني جي ڀرسان ڪماليه روڊ تي ٽريفڪ حادثي ۾ قميتي انساني جانين جي ضيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي انتظاميا کان حادثي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.