ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جو قتل: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جي قتل واري معاملي ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ڀارت ۾ 11 پاڪستاني هندن جي قتل واري معاملي ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 11 پاڪستان هندن جي قتل ۾ ڀارتي سفارتخاني جو ڪردار نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ڀارتي سفارتخاني ويزا جاري ڪرڻ کان پوءِ ڄاڻ را کي فراهم ڪئي.

درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو ته وفاقي حڪومت ۽ پرڏيهي کاتي کي معاملو انصاف واري عالمي عدالت ۾ کڻڻ جا حڪم ڏنا وڃن، دهشتگرد تنظيم آر ايس ايس تي پابندي هڻڻ لاءِ سمورا بندوبست ڪيا وڃن ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي سفارتخاني جي خلاف قدمن ۽ متاثر خاندانن کي انصاف ڏيارڻ جا حڪم ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.