مولانا طاهر اشرفي وزيراعظم جو خاص نمائدو مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علماءِ  ڪائونسل جي سربراهه مولانا طاهر اشرفي کي وزيراعظم جو مذهبي هم آهنگي بابت خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وزيراعظم عمران خان، مولانا طاهر اشرفي کي مذهبي هم آهنگي بابت پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪيو آهي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سندس مقرري تي فوري طور عمل ٿيندو ۽ هو اعزازي طور ان عهدي تي ڪم ڪندو.

واضح رهي ته مولانا طاهر اشرفي پاڪستان علماءِ ڪائونسل ۽ متحده علماءِ بورڊ جو سربراهه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.