ملير : مختلف علائقن ۾سلينڊر لڳل ويگنن ۽ ٻين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون

ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي هدايت تي ايس ايس پي ٽريفڪ ملير نسيم آرا پنهور پاران ملير ضلعي جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ سلينڊر لڳل ويگنن ۽ ٻين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو، آپريشن دوران سلينڊر تي هلندڙ 100 کان وڌيڪ ويگنن ۽ ٻين گاڏين کي بند ڪيو ويو، جڏهن ته سلينڊر جي تباهه ڪارين ۽ حادثي دوران انساني حياتين جي ضايع ٿيڻ بابت ايس ايس پي آفيس ملير ۾ آگاهي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سلينڊر ۽ سي اين جي تي هلندڙ گاڏين جي ڊرائيورن کي حادثن کان بچاءُ ۽ سلينڊر جي ڪري ٿيندڙ نقصانن بابت ڄاڻ ڏني وئي، ان موقعي تي ايس ايس پي ٽريفڪ ملير نسيم آرا پنهور خطاب ڪندي چيو ته سلينڊر تي هلندڙ گاڏيون هلندڙ ڦرندڙ بم آهن، گاڏين ۾ لڳل سلينڊر خطرناڪ آهن جيڪي ڪنهن به وقت ڪنهن وڏي حادثي کي جنم ڏئي سگهن ٿا

ان موقعي تي ايس ايس پي ٽريفڪ ملير نسيم آرا پنهور سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس اوز سميت ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته روڊ تي ڪابه سلينڊر واري گاڏي نه هلڻ گُهرجي

رپورٽ-جميل چانڊيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.