گهوٽڪي: ميونسپل جي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي ملازمن پاران 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  سهراب ڪلوڙ ۔ امداد رند ۔ سميت ملازم پاڪ ڪتاب کڻي سي ايم او آفيس پھچي ويا، سي ايم او کي چئن مهينن جون پگهارون جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي ، چيف ميونسپل سيد نادر شاه امروٽي ملازمن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته اوهان جي رهيل پگهارن جا قانون موجب بل تيار ڪري اي سي ايڊمنسٽر شهاب الدين وٽ کڻي اوهان جي پگهار جاري ڪرائي ويندي، هن کين چيو ته سندن نوڪرين بابت ڪيس هاء ڪورٽ سکر ۾ هلندڙ آهي جنهن جي انڪوائري چيف سيڪريٽري سنڌ وٽ جاري  آھي جنهن لاءِ هو پنهنجي وڪيلن معرفت انڪوائري ڪندڙ سان تعاون ڪن .

رپورٽ- آزاد مھر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.