هالا: مختلف علائقن جاٽرانسفارمر سڙي وڃڻ خلاف مظاهرو،ڌرڻو

هالا شهر جي مختلف علائقن جا بجلي جا ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ کانپوءِ تبديل يا مرمت نه ٿيڻ خلاف رهواسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، پندرهن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ تي شهري روڊن تي نڪري آيا،  ٽائرن کي باهيون ڏيندي حيسڪو انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي،.شهر جي زرعي بئنڪ، ڀاڳڙي بازار،ٿلهو روڊ ،طالب المولا ڪالوني،پيرمولابخش ڪالوني جي علائقن ۾ هڪ هفتي کان ٻن هفتن تائين بجلي بند هئڻ ڪري رهواسي عذاب ۾ مبتلا آهن ، علائقي واسين جي  احتجاج سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ ڪري  مسافرن ۽ مقامي شهرين کي تمام گهڻين ڏکيائين مان گذرڻو پيو احتجاج ڪندڙ شهرين ايس ڊي او حيسڪو جو گهيراءُ ڪيو ، ان موقعي تي ايس ڊي او غياث الدين شيخ احتجاج ڪندڙ شهرين سان ملي کين يقين ڏياريو ته شام تائين ڪجهه علائقن جي بجلي بحال ڪئي ويندي.

رپورٽ- عابد فقير

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.