گمبٽ: موٽر وي پوليس  پاران سلينڊر وارين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون

نوري آباد ۾ ويگن کي باهه لڳڻ واري واقعي کان پوءِ موٽر وي بيٽ 28 جي موٽروي پوليس جاڳي پئي، سلينڊر وارين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع  ڪندي ڪيترن ئي مسافر گاڏين جا سلينڊر لاهي ڇڏيا. آپريشن دوران 50 کان وڌيڪ مسافر گاڏين جا سلينڊر لاهي گاڏين کي بند ڪري ڳرا ڏنڊ وڌا ويا. آپريشن ڪندڙ ٽرانسپورٽ سکر ڊويزن جي آفيسر ضمير حسين بروهي ۽  ڊي ايس پي موٽروي بيٽ 28 شوڪت علي ڀٽي ٻڌايو ته ڪجھ ڏينهن کان گاڏين مان سلينڊر لاهڻ لاءِ مسافرن گاڏين جي مالڪن ۽ ڊرائيورن کي آگاهي ڏني وئي هئي پر عمل نه ٿيڻ ڪري اڄ مسافر گاڏين ۾ لڳل گئس سلينڊرن خلاف سختي سان ڪاروائي ڪئي وئي

گمبٽ- محمد علي اڄڻ

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.