ڊسمبر، جنوري ۾ ٻُهارو ڦرندو ۽ جيلن جون رونقون بحال ٿي وينديون: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آئون پنهنجي بيان تي قائم آهيان ته 31 ڊسمبر تائين (ن) کان (ش) نڪري ويندو، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ ٻُهارو ڦرندو ۽ سمورا بدعنوان جيل ۾ هوندا.

ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ مريم نواز پنهنجي سڄي تقري عدليه، نيب، جنرل عاصم ۽ شيخ رشيد جي خلاف ڪئي، جيڪو فيصلو هن جي حق ۾ هجي اُهو قبول آهي.

هن چيو ته سڄي ڪانفرنس ۾ مريم نواز اِهو نه ٻڌايو ته هن جي چاچي شهباز شريف جي ضمانت ڇو ختم ٿي، جون کان هو جنهن ضمانت تي هو اُھا اڄ ججن ڪيئن ڏٺي جو رد ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير چيو ته هن وقت تائين نواز شريف ۽ مريم نواز منهنجي 10 سوالن جا جواب ناهن ڏنا ۽ چون ٿا ته هي ائين ئي آهن، هنن جي ڪا به حيثيت ناهي حالانڪ اِهي قومي سلامتي جا سوال آهن.

شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي گذريل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل 10 سوالن کي ورجايو ۽ مطالبو ڪيو ته ان جو جواب ڏيو.

سندس چوڻ هو ته اڄ عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر تي به فرد جرم لاڳو ڪئي آهي هو فيصلو کڻي گهر هليا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.