گھوٽڪي ۾ ليڊيز سيفٽي ميڪينزم لاءِ جذبه ضلعي فورم قائم،سيمينار

گھوٽڪي ۾ عورت فائونڊيشن پاران جذبه پروگرام موجب ضلعي ۾ ليڊيز سيفٽي ميڪينزم لاءِ جذبه ضلعي فورم جو قيام عمل ۾ آندو ويو ، گهوٽڪي ۾ عورت جذبه پروگرام ۾ سياسي عمل ۾ عورتن جي شموليت ۽ انھن جي حقن جي حوالي سان ڪم ڪرڻ وارين تنظيمن جي اڳواڻن، صحافي، وڪيلن، ڪائونسلر مرد، عورت، ڊاڪٽر عورتن ، پارليامينٽرين، نوجوان، معذور ماڻھن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي  عورت جي سياست ۾ شرڪت ۽ مقامي قيادت جي مقامي حڪومتي نظامجي حوالي سان ٻن ڏينهن جو ورڪشاپ ڪرايو ويو  جنهن ۾ عورتن کي سياسي ۽ معاشي طور تي سگهارو بنائڻ ۽ صنفي تفريق ۽ عورتن تي تشدد جي خاتمي کي يقيني بڻائڻ بابت تربيت ڏني وئي  ,، ان موقعي تي صدر حاڪم زادي سيال، نائب صدر ثمينه راجپوت، جنرل سيڪريٽري ممتاز عارباڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته انهن کي عورتن جي آزادي لاءِ جاکوڙڻو پوندو .

رپورٽ – آزاد مهر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.