ڪوٽڙي: چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو جي ايم ايس  خلاف احتجاجي مظاهرو

چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو جي ايم ايس  خلاف سڄي سنڌ ۾ هلندڙ احتجاج جي سلسلي ۾ ڪوٽڙي ۾ به احتجاج جاري رکيو ويو ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪوٽڙي پاران 22 ڏينھن به ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ڪوٽڙي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن  اشرف جتوئي، غلام سرور، پير بخش عمراڻي سميت ٻين پاران چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس خلاف نعريبازي ڪئي وئي سندن چوڻ هو ته جيسيتائين چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس خلاف قدم نه کنيو ويندو تيسيتائين احتجاج جاري رکيو ويندو.

رپورٽ- نويد راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.