هواوي جو 2021 وارو مڊ رينج فون پي اسمارٽ وقت کان اڳ متعارف

هونئن ته 2021 جي شروعات ۾ اڃان 3 مهينا باقي آهن پر هواوي پي اسمارٽ 2021 نالي اسمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

هي مڊ رينج اسمارٽ فون يورپ ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان فون ۾ 6.67 انچ جو ايف ايڇ ڊي پل آءِ پي ايس ايل ايس ڊي ڊسپلي ڏنو ويو آهي جيڪو 20.9 ايسپڪٽ ريشو سان گڏ آهي.

هواوي پي اسمارٽ 2021جي اندر ڪمپني جو پنهنجو ڪيرين 710 اي پراسيسر ڏنو ويو آهي.

ان کان سواءِ 4 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي جنهن ۾ مائيڪرو ايس ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

اِهو ٻڌائڻ جي ضروت ناهي ته آمريڪي پابندين جي نتيجي ۾ هواوي جي ان فون ۾ به گوگل ايپس ۽ سروسز موجود ناهن، پر اينڊرائيڊ 10 آپريٽنگ سسٽم موجود آهي جنهن جي ڀيٽ اي ايم يو آءِ 10.1 سان ڪئي وئي آهي.

فون ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 22.5 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني وئي آهي جنهن سان هيڊ فون جيڪ به موجود آهي.

فون جي بيڪ تي 4 ڪيميرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جو آهي.

ان کان سواءِ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو شوٽر ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڊيپٿ هيلپر ڪيمرا بيڪ تي موجود آهي.

ڄاڻايل موبائيل فون جي قيمت 229 يورو (44 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.