ڪوٽڙي:ناليوارڪهاڻيڪار علي بابا جي مزار کي ڊاهڻ جي ڪوشش

ڪوٽڙي ۾ سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار علي بابا جي مزار کي با اثر پاران ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ،با اثر پاران برف جو ڪارخانو ٺاهڻ لاء علي بابا  جي مزار جي ديوار ۽ ٻيڙي نما قبر کي نقصان پهچايو ويو. علي بابا جي ٻيڙي نموني ٺهيل خوبصورت قبر مٿان  لڳل قلم پڻ  ٽوڙيو ويو. جڏهن ته مزار جي احاطي ۾ بيٺل وڻ به وڍيا ويا. اهڙي خبر پوڻ کان پوء  ڪوٽڙي جي سڄاڻ ۽ علمي ادبي ڌرين ۾ سخت تاء پکڙجي ويو ،هنن چيو ته علي بابا سنڌي ادب جو سرمايو آهي جنهن جي مزار کي نقصان رسائڻ جي ايف آئي آر ڪٽرائي ويندي. ان حوالي سان وڌيڪ لائحه عمل جوڙڻ لاء سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي ۽ ٻولهاڙي جو اجلاس پڻ سڏايو ويو آهي.

رپورٽ- نويد راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.