کپرو ۾ پيپلز پارٽي پاران ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهايو ويو

پيپلزپارٽي جي ايم،اين،اي شازيا مري جي حڪم تي کپرو ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 15 ۾ پ پ سانگھڙ ليڊيز ونگ جي صدر رخسانا شر ، پ پ تعلقي کپرو جي رابطا سيڪريٽري محمد وارث درس پاران ٻوڏ متاثرن ۾ راشن ورهايو ويو،  ان موقعي تي پ پ ليڊيز ونگ سانگھڙ جي صدر رخسانا شر ۽ محمد وارث درس صحافين کي ٻڌايو تـ وارڊ نمبر 15 ، برسات سبب وڌيڪ متاثر ٿيو آهي،  رستو نـ ملڻ سبب اڃان بـ برساتي پاڻي هتي بيٺل آهي، ان ڪري پ پ ايم،اين اي شازيا مري جي حڪم تي پنهنجي مدد پاڻ تحت هتي راشن ورهايو آهي

رپورٽ- عبدالرزاق راجپوت

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.